وزيراعظم شهباز شريف ۽ سريلنڪن صدر جي وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو، پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم کي سريلنڪا ۾ ڀارت جي خلاف شيڊيول مئچ کيڏڻ گهرجي: سريلنڪن صدر جي درخواست

اسلام آباد  -09 فيبروري (اي پي پي) سريلنڪا جي صدر انورا ڪمارا ڊسانائيڪي وزيراعظم محمد شهباز شريف کي درخواست ڪئي آهي ته پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم کي سريلنڪا ۾ پاڪ ڀارت مئچ کيڏن گهرجي جڏهن ته وزيراعظم سريلنڪن صدر کي ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي پاڪ ڀارت مئچ جي حوالي سان مشاورت کانپوءِ حتمي فيصلي کان آگاهه ڪرڻ جو چيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم …

اسلام آباد  -09 فيبروري (اي پي پي) سريلنڪا جي صدر انورا ڪمارا ڊسانائيڪي وزيراعظم محمد شهباز شريف کي درخواست ڪئي آهي ته پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم کي سريلنڪا ۾ پاڪ ڀارت مئچ کيڏن گهرجي جڏهن ته وزيراعظم سريلنڪن صدر کي ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي پاڪ ڀارت مئچ جي حوالي سان مشاورت کانپوءِ حتمي فيصلي کان آگاهه ڪرڻ جو چيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ سريلنڪا جي صدر انورا ڪمارا ڊسانائيڪي جي وچ ۾ ٽيليفون تي رابطو ٿيو آهي. سريلنڪن صدر وزيراعظم محمد شهباز شريف کي درخواست ڪئي ته پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽي کي سريلنڪا ۾ ڀارت جي خلاف شيڊيول مئچ کيڏڻ گهرجي. هن چيو ته سريلنڪا ۾ دهشتگردي جي دوران پاڪستان سريلنڪن ڪرڪيٽ کي ڀرپور طريقي سان سپورٽ ڪيو. هن چيو ته پاڪستان سريلنڪا سان پنهنجي ڀائراڻي لاڳاپن کي هر شيءَ تي فوقيت ڏني ۽ پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم دهشتگردي جي باوجود سريلنڪا ۾ ڪرڪيٽ کيڏڻ جي لاءِ دورا جاري رکيا. وزيراعظم محمد شهباز شريف سريلنڪن صدر جي جذبن جي آجيان ڪئي. هن چيو ته پاڪستان ۾ به مشڪل دورن ۾ سريلنڪا ڀرپور ساٿ ڏنو، پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ جاري رکي، تازو ئي سريلنڪن ٽيم پاڪستان جو دورو ملتوي نه ڪري پاڪستاني قوم ۽ ڪرڪيٽ شوقينن جي لاءِ هڪ نه وسارڻ جوڳو قدم کنيو. وزيراعظم سريلنڪن صدر کي ٻڌايو ته هو ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي پاڪ ڀارت مئچ جي حوالي سان مشاورت کانپوءِ حتمي فيصلي کان آگاهه ڪندو.

مزید خبریں