سعودي عرب پاڪستان جو پُراڻو ڀائيوار آهي، اهم اقتصادي شعبن ۾ جٽادار ۽ گڏيل طور تي مفيد سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي ضرورت آهي: سينيٽر محمد اورنگزيب

اسلام آباد-09 فيبروري (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب سعودي عرب کي پاڪستان جو پُراڻو ڀائيوار قرار ڏيندي اهم اقتصادي شعبن ۾ جٽادار ۽ گڏيل طور تي مفيد سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. هن اها ڳالهه سعودي عرب جي شهر العلا ۾ رٿيل ڪانفرنس جي موقعي تي سعودي اخبار ”عرب نيوز“ سان ڳالهين دوران ڪيو. ناڻي واري وزير …

اسلام آباد-09 فيبروري (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب سعودي عرب کي پاڪستان جو پُراڻو ڀائيوار قرار ڏيندي اهم اقتصادي شعبن ۾ جٽادار ۽ گڏيل طور تي مفيد سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. هن اها ڳالهه سعودي عرب جي شهر العلا ۾ رٿيل ڪانفرنس جي موقعي تي سعودي اخبار ”عرب نيوز“ سان ڳالهين دوران ڪيو. ناڻي واري وزير ٻُڌايو ته عالمي جاگرافيائي سياسي ڇڪتاڻ باوجود پاڪستان ۽ سعودي عرب جا ناتا مضبوط ۽ مستحڪم آهن، سعودي عرب ڊگهي عرصي کان پاڪستان جو پُراڻو ڀائيوار رهيو آهي ۽ اسان ان سهڪار تي بيحد شڪرگذار آهيون، جيڪو اسان کي هر ڏُکئي وقت ۾ حاصل رهيو، هاڻ جڏهن اسان معاشي استحڪام حاصل ڪري ورتو آهي، منهنجو خيال آهي ته اسان ترقيءَ لاءِ هڪ مضبوط مقام تي بيٺل آهيون. هن چيو ته پاڪ- سعودي ڀائيواريءَ جي نتيجي ۾ معددنيات ۽ کاڻين، آءِ ٽي، زراعت ۽ سياحت سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ سيڙپڪاري ممڪن ٿي آهي. هن سعودي سيڙپڪاريءَ جي هڪ فعال سلسلي جو حوالو ڏيندي ٻُڌايو ته وافي جي پاڪستان جي ڊائون اسٽريم آئل اينڊ گيس شعبي ۾ شمويلت ان جو هڪ مثال آهي. هن چيو ته سعودي عرب پاڪستان ۾ ترجيحي شعبن جن ۾ معدنيات ۽ کاڻيون کوٽڻ، آءِ ٽي، زراعت ۽ سياحت شامل آهن، ۾ سيڙپڪاريءَ جي پنهنجي خواهش جو کُليل اظهار ڪيو آهي، پهريان ئي ڪجهه سيڙپڪاري اچي چڪي آهي، مثلاً وافي ڊائون اسٽريم آئل اينڊ گيس اسٽيشنن جي شعبي ۾ قدم رکيو آهي، سيڙپڪاريءَ جي هڪ نهايت فعال پائپ لائن موجود آهي. ناڻي واري وزير چيو ته انهن شعبن ۾ ترقيءَ کي نجي شعبي جون سرگرميون اڳتي وڌائي رهيون آهن جڏهن ته بين الحڪومتي سطح تي سهڪار بنيادي طور تي بنيادي ڍانچي جي ترقيءَ تي کُتل آهي. بيورو ڪريسي ۽ دير بابت سيڙپڪارن جي پُراڻن خدشن کي تسليم ڪندي ناڻي واري وزير گذريل ٻن سالن دوران پاڪستان جي ڍانچي جاتي سڌارن، مالياتي نظم و ضبط ۽ ڪاروباري ماحول ۾ بهتريءَ لاءِ نمايان اڳڀرائي ڪئي آهي. هن چيو ته گذريل ٻن سالن ۾ اسان ڍانچه جاتي سڌارن تي تمام گهڻي محنت ڪئي آهي، ان کي مالياتي صورتحال ۽ مجموعي معاشي حالتن جي روشنيءَ ۾ صحيح رُخ تي آڻڻ جي ڀرپور ڪوششن ڪئي آهي. هن کاڻيون کوٽڻ ۽ ريفائننگ کي اهم شعبن طور تي اجاگر ڪيو جن ۾ ريڪوڊڪ منصوبي بابت ڳالهيون به شامل آهن، جڏهن ته هن واضح ڪيو ته سعودي سيڙپڪارن سان ڳالهيون صرف هڪ منصوبي تائين محدود ناهن. هن چيو ته ان جي نقطهءِ نظر سان اهو معاملو صرف هڪ کاڻ تائين محدود ناهي، سعودي سيڙپڪارن سان ڪيترن ئي شعبن ۾ ڳالهين جو سلسلو جاري رهندو. ناڻي واري وزير آءِ ٽي ۾ وڌندڙ سهڪار خاص ڪري مصنوعي ذهانت جي ميدان ۾ اڳڀرائيءَ جو به ذڪر ڪيو ۽ ٻُڌايو ته ڪيتريون ئي پاڪستاني ٽيڪ ڪمپنيون پهرين ئي سعودي ڀائيوارن سان ڳالهيون ڪري رهيون آهن يا مملڪت ۾ پنهنجون آفيسون قائم ڪري چڪيون آهن. وفاقي وزير سعودي عرب جي معيشت ۽ منصوبا بندي واري وزير فيصل الابراهيم سان ويجهڙ ۾ ٿيل ملاقات جو حوالو ڏيندي ٻُڌايو ته مهارتن جي ترقي کپت موجب هئڻ سان پاڪستان جي وسيع فري لانس افرادي قوت گهري سهڪار جا وسيع موقعا فراهم ڪري ٿي، سعودي وزير خاص طور تي پاڪستاني ٽيڪ ٽيلنٽ جو ذڪر ڪيو جيڪو بلڪل درست آهي. اسان وٽ دنيا جي ٽين سڀ کان وڏي فري لانسر آبادي آهي ۽ اسان کي يقيني بنائڻو پوندو ته اسان انهن جي مهارتن کي وڌيڪ بهتر، جديد ۽ هم آهنگ بڻائينداسين. ناڻي واري وزير توانائيءَ جي شعبي ۾ سعودي عرب جي تجربي مان فائدو کڻڻ جي موقعي جو به ذڪر ڪيو ۽ دفاعي پيداوار جي ميدان ۾ جاري سهڪار جو حوالو ڏنو. مستقبل جي حوالي سان هن چيو ته پاڪستان سعودي عرب سان پنهنجن ناتن کي امداد تي ڀاڙڻ بدران واپار ۽ سيڙپڪاري جي بنياد تي آڻڻ چاهي ٿو، وزيراعظم شهباز شريف بلڪل واضح ڪيو آهي ته اسان چاهيون ٿا ته آئينده ان پوري ڳالهه ٻولهه کي مدد ۽ معاونت کان اڳتي وڌائي واپار ۽ سيڙپڪاريءَ طرف منتقل ڪيو وڃي.

مزید خبریں