اسلام آباد-09 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ اجلاس ۾ اسلام آباد ۾ امام بارگاهه خديجه الڪبريٰ ۾ ٿيل آپگهاتي حملي جي شهيدن لاءِ فاتحه خواني ڪئي وئي. سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان ناصر جي درخواست تي سينيٽر مولانا عطاءُ الرحمان، شهيدن جي ايثال ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪرائي. سينيٽ جي ميمبرن شهيدن جي پوئينرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ ملڪ ۾ امن امان لاءِ دعا ڪئي. ان موقعي …
سينيٽ ۾ اسلام آباد آپگهاتي حملي جي شهيدن لاءِ فاتحه خواني ڪئي وئي

مزید خبریں
اسلام آباد-09 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ اجلاس ۾ اسلام آباد ۾ امام بارگاهه خديجه الڪبريٰ ۾ ٿيل آپگهاتي حملي جي شهيدن لاءِ فاتحه خواني ڪئي وئي. سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان ناصر جي درخواست تي سينيٽر مولانا عطاءُ الرحمان، شهيدن جي ايثال ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪرائي. سينيٽ جي ميمبرن شهيدن جي پوئينرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ ملڪ ۾ امن امان لاءِ دعا ڪئي. ان موقعي تي پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير طارق فضل چوڌري، ايوان کي ٻڌايو ته ان افسوسناڪ واقعي ۾ 33 ڄڻا شهيد ۽ 150 کان وڌيڪ زخمي ٿيا ۽ ان کي هڪ وڏو قومي سانحو قرار ڏنو. اسلام آباد ڌماڪي ۾ قيمتي جانين جي ضايع ٿيڻ تي سينيٽ جي اڪثريتي فيصلي ذريعي سينيٽ اجلاس جي باقي ڪارروائي معطل ڪري ڇڏي ۽ اسلام آباد خودڪش حملي تي خاص بحث لاءِ قرارداد منظور ڪري ورتي.











