وفاقي وزير سردار محمد يوسف جي صدارت هيٺ عالم ۽ مشائخ ڪائونسل جي هنگامي اجلاس کانپوءِ گڏيل پڌرائي جاري

اسلام آباد-09 فيبروري (اي پي پي) مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف جي صدارت هيٺ عالم ۽ مشائخ ڪائونسل جو هنگامي اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ اسلام آباد حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي دهشتگردي خلاف پاڪستان جي فوج ۽ رياست سان مڪمل يڪجهتيءَ جو اظهار ڪيو ويو. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن رمضان جي ڀلاري مهيني کي نظر ۾ رکندي قوم کي …

اسلام آباد-09 فيبروري (اي پي پي) مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف جي صدارت هيٺ عالم ۽ مشائخ ڪائونسل جو هنگامي اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ اسلام آباد حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي دهشتگردي خلاف پاڪستان جي فوج ۽ رياست سان مڪمل يڪجهتيءَ جو اظهار ڪيو ويو. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن رمضان جي ڀلاري مهيني کي نظر ۾ رکندي قوم کي صبر، تقويٰ ۽ گڏيل همدرديءَ جو پيغام ڏيندي اپيل ڪئي ته منبر ۽ محراب ذريعي بين المسالڪ هم آهنگي ۽ اخلاقي تربيت کي هٿي ڏني وڃي ته جيئن دشمن جي هر سازش کي ناڪام بڻائي سگهجي. اجلاس جي گڏيل پڌرائيءَ ۾ اسلام آباد ۾ جمعي نماز دوران ٿيل آپگهات حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي ۽ واضح ڪيو ويو ته عبادتگاهن ۾ بيگناهه نمازين کي نشانو بڻائڻ اسلامي تعليمن، آئيني ۽ اخلاقي اصولن جي ابتڙ آهن. اجلاس فتنه الخوارج جي گمراهه ڪندڙ سوچ ۽ دهشتگرديءَ جي سمورن بيانين کي مڪمل طور تي رد ڪندي عزم ڪيو ته پاڪستان جي امن کي نقصان پهچائيندڙ اندروني ۽ پرڏيهي سازشن جو ڀرپور مقابلو ڪيو ويندو. عالمن ۽ مشائخن پنهنجي خطبن ۽ مدرسن ذريعي امن، رواداري ۽ گڏيل احترام جي پيغام کي عام ڪرڻ ۽ نوجوان نسل کي انتهاپسندي کان محفوظ رکڻ ۾ اثرائتو ڪردار ادا ڪرڻ جو عهد ڪيو. مسجدن، امام بارگاهن ۽ ٻين عبادتگاهن جي سيڪيورٽي وڌيڪ اثرائتي بنائڻ لاءِ انتظاميه ۽ انتظاميه ڪميٽين وچ ۾ رابطا مضبوط ڪرڻ ۽ شڪي سرگرمين جي وقت سر اطلاع ڏيڻ تي اتفاق ٿيو. سڄي ملڪ ۾ نمازن جي هڪ جهڙي وقت کي لاڳو ڪرڻ لاءِ عالمن جي سهڪار کي ساراهيو ويو ۽ ان نظام کي وڌيڪ اثرائتي طور تي لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس جي آخر ۾ گڏيل طور تي اعلان ڪيو ويو ته پوري قوم، عالم ۽ مشائخ پاڪستان حڪومت ۽ پاڪستاني فوج سان گڏ بيٺل آهن ۽ دهشتگرديءَ جي ناسُور کي پاڙؤن پٽڻ لاءِ پُرعزم آهن.

مزید خبریں