حڪومتي سڌارن جو مقصد عام ماڻهوءَ کي زندگيءَ ۾ آساني ڏيڻ آهي: ڊاڪٽر مصدق ملڪ

اسلام آباد-09 فيبروري (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته وزيراعظم جي ويزن موجب سرڪاري ادارن ۾ انقلابي تبديليون آنديون پيون وڃن، حڪومتي سڌارن جو مقصد عام ماڻهوءَ کي زندگيءَ ۾ آساني ڏيڻ آهي. پاور سيڪٽر ۾ سڌارن سان گردشي قرضن ۾ 1.25 ٽريلين رپين جي گهٽتائي آندي وئي، هڪ کان ڏيڍ سال ۾ وفاقي حڪومت جون 100 سيڪڙو …

اسلام آباد-09 فيبروري (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته وزيراعظم جي ويزن موجب سرڪاري ادارن ۾ انقلابي تبديليون آنديون پيون وڃن، حڪومتي سڌارن جو مقصد عام ماڻهوءَ کي زندگيءَ ۾ آساني ڏيڻ آهي. پاور سيڪٽر ۾ سڌارن سان گردشي قرضن ۾ 1.25 ٽريلين رپين جي گهٽتائي آندي وئي، هڪ کان ڏيڍ سال ۾ وفاقي حڪومت جون 100 سيڪڙو فائيلون ڊجيٽل ٿي چڪيون آهن، هاڻ ڪو به ڊجيٽل نظام ۾ لِڪي نٿو سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مقامي هوٽل ۾ پاڪستان ريفارمز رپورٽ 2026ع جي لانچنگ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته هڪ سال ۾ 650 کان وڌيڪ سڌارا ڪيا ويا، جڏهن ته گذريل سال 620 سڌارا ڪيا ويا هئا، بيورو ڪريٽڪ نظام ۾ شفاف تبديلي اڻٽر آهي ته جيئن عوام کي ڏُکيائي پيش نه اچي، ڊجيٽل سڌارن جو مقصد عام عوام کي سروسز تائين پهچ آسان بڻائڻ آهي، سڌارن جو مقصد شهرين کي آفيس ۽ بس اسٽاپن تي خوار ٿيڻ کان بچائڻ آهي، پيش ڪيل ريفارمز ايجنڊا ان ئي اصول کي نظر ۾ رکندي ترتيب ڏنو ويو آهي. مالياتي ادارن سان گڏوگڏ قانوني، ريگيوليٽري، سيڪيورٽي، سماجي تحفظ، انساني حقن، ڪلائميٽ ۽ ثقافتي ادارن ۾ سڌارا متعارف ڪرايا پيا وڃن. وفاقي حڪومت 100 سيڪڙو فائيلون ڊجيٽلائيز ٿي چڪيون آهن، فائيل ۾ ڇيڙڇاڙ جي صورت ۾ ڊجيٽل فٽ پرنٽ باقي رهي ٿي، سڀ کان وڌيڪ سڌارا پاور ۽ انرجي سيڪٽر ۾ ڪيا ويا، انرجي سيڪٽر ۾ 118 سڌارا متعارف ڪرايا ويا، انڊسٽريءَ لاءِ ٽيرف ۾ گهٽتائي پورهيتن کي سڌيءَ ريت فائدي لاءِ آهي. وفاقي وزير چيو ته نوجوانن کي 12600 عالمي معيار جا ٽيڪ سرٽيفڪيٽس جاري ڪيا ويا، اهي سرٽيفڪيٽس سڄي ملڪ جي نوجوانن کي گهر جي چائنٺ تي ملندا، ڊجيٽل دنيا سرحدن کان آزاد آهي. هن چيو ته هن سال نوان ٽيرف سڌارا متعارف ڪرايا ويندا، ريگيوليٽري ڊيوٽيز ۾ گهٽتائي ڪئي وئي آهي، 5 سالن ۾ سموريون ڊيوٽيز مرحليوار گهٽ ڪيون وينديون. هن چيو ته پاور سيڪٽر ۾ سڌارن سان گردشي قرضن ۾ 1.25 ٽريلين رپين جي گهٽتائي آندي وئي، فيڪٽريءَ جو بجلي جو بل پورهيتن جي مجموعي پگهارن کان وڌيڪ هو، هي اهي سڌارا آهن، جيڪي هڪ شهريءَ لاءِ هڪ لائن دي لائن مورز کان شروع ٿيون، ڪنهن فائيل تي دير ڪندڙ آفيسر هاڻ نه بچي سگهندو، ڊجيٽل فائل ۾ تبديليءَ جي ڪوشش تي لاڳاپيل شخص جو مڪمل فٽ پرنٽ محفوظ ٿي وڃي ٿو، ڪوريڊورز ۾ فائلن جي فوٽو ڪاپي ۽ ڦيرڦار جو سلسلو مڪمل طور تي ختم ٿي چڪو آهي. هن چيو ته آن لائن نظام ذريعي شهرين کي سفر ۽ ڪاغذي ڪاررواين مان نجات ڏني پئي وڃي.

مزید خبریں