پاڪستان ڊجيٽل انقلاب طرف عزم سان وڌي رهيو آهي: شزه فاطمه خواجه

اسلام آباد-09 فيبروري (اي پي پي) آءِ ٽي واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته انڊس اي آءِ هفتي سان يونيورسٽين، اسٽارٽ اپس ۽ عالمي ڪمپنين ۾ سهڪار ممڪن ٿيندو، ڊجيٽل اسڪلز پروگرام سان عوام کي بنيادي اي آءِ مهارتون فراهم ڪيون پيون وڃن. ٽيڪس نظام ۾ اي آءِ ٽريڪ اينڊ ٽريس سان شفافيت ۾ واڌ ٿي آهي، پاڪستان جدت، علم ۽ ترقيءَ جو سفر جاري رکندو. اهڙن …

اسلام آباد-09 فيبروري (اي پي پي) آءِ ٽي واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته انڊس اي آءِ هفتي سان يونيورسٽين، اسٽارٽ اپس ۽ عالمي ڪمپنين ۾ سهڪار ممڪن ٿيندو، ڊجيٽل اسڪلز پروگرام سان عوام کي بنيادي اي آءِ مهارتون فراهم ڪيون پيون وڃن. ٽيڪس نظام ۾ اي آءِ ٽريڪ اينڊ ٽريس سان شفافيت ۾ واڌ ٿي آهي، پاڪستان جدت، علم ۽ ترقيءَ جو سفر جاري رکندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن انڊس اي آءِ هفتي جي هڪ افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. افتتاحي تقريب ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف، سڌ سماءَ وارو وفاقي وزير عطا الله تارڙ، رٿابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال ۽ ٻين کان علاوه پرڏيهي مهمان به موجود هئا. هن چيو ته انڊس اي آءِ ويڪ 2026ع جي باقائده طور تي شروعات ڪئي وئي آهي، وزيراعظم جي قيادت ۾ قومي ڊجيٽلائيزيشن ۽ اي آءِ پاليسي تي عمل جاري آهي، پاڪستان ڊجيٽل انقلاب طرف عزم سان وڌي رهيو آهي. هن چيو ته ڊجيٽل نيشن پاڪستان ايڪٽ تحت قومي ڊجيٽل روڊ ميپ تيار ڪيو ويو آهي، نيشنل ڊجيٽل ڪميشن وزيراعظم شهباز شريف جي سربراهيءَ ۾ قائم ڪئي وئي آهي. هن چيو ته پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي سڄي ملڪ ۾ ڊجيٽل ماسٽر پلان تيار ڪري رهي آهي. ڊيٽا، سائبر سيڪيورٽي ۽ اي آءِ لاءِ واضح گورننس فريم ورڪ جوڙيو ويو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي پهرين قومي اي آءِ پاليسي سيپٽمبر 2025ع ۾ متعارف ڪرائي وئي هئي، جڏهن ته 2026ع ۾ اي آءِ پاليسي تي عملدرآمد شروع ڪيو ويو. هن چيو ته پاڪستان ۾ عوامي خدمتن جي شعبي کي ڊجيٽلائيز ڪيو پيو وڃي، ٽيڪس نظام ۾ اي آءِ ٽريڪ اينڊ ٽريس سان شفافيت ۾ واڌ ٿي آهي. هن چيو ته نجي شعبو ڊجيٽل تبديليءَ جي قيادت ڪري، پاڪستان جدت، علم ۽ ترقيءَ جو سفر جاري رکندو.

مزید خبریں