اسلام آباد-09 فيبروري (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران اتر اوڀر بلوچستان، خيبرپختونخوا، گلگت بلتستان، ڪشمير، پوٺوهار خطي ۽ وچين پنجاب ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان هلڪي کان وچولي برسات ۽ جبلن تي برفباري جو امڪان آهي، ان دوران ڪجهه هنڌن تي ڳڙو پئجي سگهي ٿو. موسميات کاتي مطابق سومر جي رات ۽ 10 فيبروري دوران برفباري سبب ناران، ڪاغان، دير، سوات، ڪالام، چترال، ڪوهستان، …
مٿانهين واران علائقن ۾ برسات، برفباري ۽ ڳڙو پوڻ جو امڪان، ٽريفڪ جي رواني متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي: موسميات کاتو

مزید خبریں
اسلام آباد-09 فيبروري (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران اتر اوڀر بلوچستان، خيبرپختونخوا، گلگت بلتستان، ڪشمير، پوٺوهار خطي ۽ وچين پنجاب ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان هلڪي کان وچولي برسات ۽ جبلن تي برفباري جو امڪان آهي، ان دوران ڪجهه هنڌن تي ڳڙو پئجي سگهي ٿو. موسميات کاتي مطابق سومر جي رات ۽ 10 فيبروري دوران برفباري سبب ناران، ڪاغان، دير، سوات، ڪالام، چترال، ڪوهستان، مانسهره، ايبٽ آباد، شانگلا، استور، هنزه، اسڪردو، مري، گليات، وادي نيلم، باغ، پونڇ ۽ حويلي ۾ ٽريفڪ جي رواني ۾ رڪاوٽ جو انديشو آهي. ان دوران مٿانهين خيبرپختونخوا، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ ڪجهه هنڌن تي مٽيءَ جون ڇپون ڪِري سگهن ٿيون. (اڄ)اڱاري ڏينهن مٿانهين خيبرپختونخوا، گلگت بلتستان، ڪشمير ۽ پوٺوهار خطي ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان هلڪي کان وچولي برسات ۽ جبلن تي برفباري جو امڪان آهي. ملڪ جي ٻين علائقن ۾ موسم خشڪ رهڻ جي توقع آهي.گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ جڏهن ته مٿانهين وارن جابلو علائقن ۾ موسم شديد ٿڌي رهي، جڏهن ته اتر اوڀر بلوچستان ۾ ڪجهه هنڌن تي هلڪي برسات پئي. سومر ڏينهن رڪارڊ ڪيل گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد ليه ۾ ڪاٽو 09، استور ۾ ڪاٽو 07، ڪالام ۾ ڪاٽو 05، گوپس، مالم جبه ۽ اسڪردو ۾ ڪاٽو 03 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.











