وزيراعظم پاران موڊيز طرفان پاڪستان جي بئنڪنگ شعبي جي ريٽنگ ”مستحڪم“ قرار ڏيڻ تي اطمينان جو اظهار

اسلام آباد  -09 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف موڊيز پاران پاڪستان جي بئنڪنگ شعبي جي ريٽنگ کي ”مستحڪم“ قرار ڏيڻ تي اطمينان جو اظهار ڪندي معاشي ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي معيشت استحڪام ۽ ترقي جي راهه تي گامزن آهي. هن چيو ته عالمي ادارن جي رپورٽس ۽ ريٽنگز پاڪستان جي معاشي …

اسلام آباد  -09 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف موڊيز پاران پاڪستان جي بئنڪنگ شعبي جي ريٽنگ کي ”مستحڪم“ قرار ڏيڻ تي اطمينان جو اظهار ڪندي معاشي ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي معيشت استحڪام ۽ ترقي جي راهه تي گامزن آهي. هن چيو ته عالمي ادارن جي رپورٽس ۽ ريٽنگز پاڪستان جي معاشي رخ جي درستگي جو واضح ثبوت آهن، پاڪستان جي معاشي استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ معاشي ٽيم ڏينهن رات محنت ڪئي جنهن تي هو ساراهه جي لائق آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته الله جي فضل ۽ ڪرم سان پاڪستان جي ترقي جو خواب پورو ٿيڻ وڃي رهيو آهي.

مزید خبریں