وزيراعظم پاران 2030ع تائين اي آءِ جي شعبي ۾ هڪ ارب ڊالر خرچ ڪرڻ، پي ايڇ ڊي جي لاءِ هڪ هزار وظيفا ڏيڻ جو اعلان

اسلام آباد  -09 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 2030ع تائين مصنوعي ذهانت (اي آءِ) جي شعبي ۾ هڪ ارب ڊالر خرچ ڪرڻ، اي آءِ جو نصاب تيار ڪرڻ، اي آءِ ۾ پي ايڇ ڊي جي لاءِ هڪ هزار وظيفا ڏيڻ، آءِ ٽي ۽ اي آءِ جي حوالي سان صلاحيت ۾ اضافي جي لاءِ قومي سطح تي پروگرام شروع ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته نوجوانن جي …

اسلام آباد  -09 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 2030ع تائين مصنوعي ذهانت (اي آءِ) جي شعبي ۾ هڪ ارب ڊالر خرچ ڪرڻ، اي آءِ جو نصاب تيار ڪرڻ، اي آءِ ۾ پي ايڇ ڊي جي لاءِ هڪ هزار وظيفا ڏيڻ، آءِ ٽي ۽ اي آءِ جي حوالي سان صلاحيت ۾ اضافي جي لاءِ قومي سطح تي پروگرام شروع ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته نوجوانن جي وڏي آبادي کي اي آءِ جي تربيت ڏئي زراعت، صنعت، واپار سميت هر شعبي ۾ انقلاب آڻي سگهجي ٿو ۽ پاڪستان عالمي دنيا ۾ نمايان مقام پيدا ڪري سگهي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن انڊس اي آءِ ويڪ 2026ع جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سنڌ جي گورنر کانسواءِ احسن اقبال، شزه فاطمه خواجه، عطاءُ الله تارڙ سميت وزير، دوست ملڪن جا سفارتي ۽ اعليٰ سرڪاري عملدار پڻ موجود هئا. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته انڊس اي آءِ ويڪ ايونٽ ملڪ جي ٽيڪنالاجي جي منظرنامي کي بدلائي ڇڏيندو، هي ايونٽ عالمي سطح تي پاڪستان کي هڪ مضبوط پارٽنر جي طور تي سامهون آڻيندو. هن ٻڌايو ته بطور پنجاب جي وڏي وزير اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف جي قيادت ۾ ۽ سندس ويزن تحت هن تعليم، صحت، اوڳاڙين ۽ نوجوانن جي ترقي جي لاءِ ڪيترائي اهم منصوبا شروع ڪيا، پنجاب جي وڏي وزير جي حيثيت سان مون آءِ ٽي جي شعبي تي خصوصي ڌيان ڏنو ۽ 5 لک هوشيار شاگردن کي ليپ ٽاپس ڏنا، ان وقت پنجاب ۾ اي لائبريري جي شروعات ڪئي جڏهن ان جو سوچيو به نه هو، لاهور ۾ پهريون سيف سٽي منصوبو ۽ ملڪ جي پهرين آءِ ٽي يونيورسٽي پڻ ان دور ۾ قائم ڪئي وئي، پنجاب لينڊ ڊيجيٽلائيزيشن پروگرام جي ذريعي زمين جي رڪارڊ جي شفافيت کي يقيني بڻايو ويو، لينڊ رڪارڊ ۾ سڌارن سان ڪرپشن جو خاتمو ممڪن ٿيو ۽ روينيو آفيسرن جي بدعنواني کي خاتم ڪيو ويو، اي اسٽام پيپرز جاري ڪري آمدني ۾ اضافو ڪيو. وزيراعظم چيو ته فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جي مڪمل ڊيجيٽائيزيشن سان اوڳاڙين جي وصولي ۾ شفافيت ممڪن ٿي، اسمگلنگ جي روڪٿام جي لاءِ جديد اسڪينرز ۽ اوزار پورٽس تي هنيا ويا. هن چيو ته پاڪستان جي 24 ڪروڙ آبادي ۾ 60 سيڪڙو نوجوان آهن، انهن کي جديد علم ۽ مهارتن سان ليس ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان هاڻي مصنوعي ذهانت جي شعبي ۾ عالمي سطح تي قدم رکڻ جي لاءِ تيار آهي، ڳوٺاڻي علائقن تائين پهچ ۽ نوجوانن کي جديد علم ۽ فني مهارتون فراهم ڪيون. وزيراعظم هڪ ملين غير آءِ ٽي پروفيشنلز کي اي آءِ ۾ تربيت فراهم ڪرڻ، 1000 مڪمل فنڊ شده پي ايڇ ڊي اسڪالرشپس اي آءِ جي شعبي ۾ ڏيڻ ۽ وفاق کانسواءِ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ بلوچستان جي پٺتي پيل علائقن ۾ به اي آءِ جي تعليم ۽ نصاب متعارف ڪرائڻ ۽ 2030ع تائين اي آءِ جي شعبي ۾ هڪ ارب ڊالر سيڙپڪاري جو اعلان ڪيو. هن چيو ته نوجوانن کي زراعت، واپار ۽ ٻين اقتصادي شعبن ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي تربيت فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان عالمي حصيدارن سان گڏجي ٽيڪنالاجي جا مثبت اختيار ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي، پاڪستان هر چئلينج جو مقابلو ڪندو ۽ عالمي برادري ۾ پنهنجي جڳهه ٺاهيندو، معيشت، صنعت، واپار ۽ عورتن جي حقن ۾ اي آءِ جي ذريعي انقلاب متوقع آهي. هن چيو ته صنعت، زراعت، واپار سميت اي آءِ جي ذريعي ترقي جو انقلاب آڻي سگهجي ٿو، اسان ڪيترائي قدم کنيا آهن پر اڃا گهڻو ڪجهه ڪرڻ باقي آهي، پاڪستان عالمي دنيا ۾ پنهنجو نالو پيدا ڪندو. آءِ ٽي واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه انڊس اي آءِ ويڪ 2026ع کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ڊيجيٽل انقلاب طرف عزم سان وڌي رهيو آهي، ڊيجيٽل نيشن پاڪستان ايڪٽ تحت قومي ڊيجيٽل روڊ ميپ تيار ڪيو ويو، وزيراعظم جي سربراهي ۾ نيشنل ڊيجيٽل ڪميشن قائم ڪئي وئي، پاڪستان ڊيجيٽل اٿارٽي ملڪ گير ڊيجيٽل ماسٽر پلان ٺاهي رهي آهي، ڊيٽا، سائبر سيڪيورٽي ۽ اي آءِ جي لاءِ واضح گورننس فريم ورڪ جوڙيو ويو. هن چيو ته پاڪستان جي پهرين قومي اي آءِ پاليسي سيپٽمبر 2025ع ۾ متعارف ڪرائي وئي، 2026ع ۾ اي آءِ پاليسي تي عملدرآمد جي شروعات ڪئي وئي، انڊس اي آءِ ويڪ سان يونيورسٽين، اسٽارٽ اپس ۽ عالمي ڪمپنين ۾ تعاون ممڪن ٿيندو. هن ٻڌايو ته ڊيجيٽل اسڪلز پروگرام سان بنيادي اي آءِ مهارتون فراهم ڪيون پيون وڃن، عوامي خدمتن جي شعبن کي ڊيجيٽائيز ڪيو پيو وڃي، ٽيڪس نظام ۾ اي آءِ ٽريڪ اينڊ ٽريس سان شفافيت ۾ اضافو ٿيو. هن زور ڏنو ته نجي شعبو ڊيجيٽل تبديلي جي قيادت ڪري، پاڪستان جدت، علم ۽ ترقي جو سفر جاري رکندو. منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال خطاب ۾ چيو ته اي آءِ اڄ جي دور جي سڀ کان وڏي ضرورت آهي، اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي قيادت ۾ پاڪستان کي ڊيجيٽل ترقي جي راهه تي گامزن ڪيو، سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ آءِ ٽي جي شعبي ۾ ڀرپور ڪم ڪيو، ويزن 2025ع تحت آءِ ٽي جي شعبي تي خصوصي ڌيان ڏنو ويو، اسان پنهنجي اڳوڻي دورن ۾ ٿري جي ۽ فور جي لائيسنس جاري ڪيا. ويزن 2025ع تحت پاڪستان کي چوٿين صنعتي انقلاب جي لاءِ تيار ڪيو ويو، آءِ ٽي، اي آءِ ۽ ان سان واڳيل ٻين شعبن جا سينٽرز قائم ڪيا ويا، سائبر سيڪيورٽي جو نيشنل سينٽر قائم ڪيو ويو، انهن سينٽرز جي قيام جو مقصد انهن شعبن ۾ پاڻڀرائپ حاصل ڪرڻ آهي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ اي آءِ بابت نيشنل ٽاسڪ فورس قائم ڪئي وئي جنهن پاڪستان جي پهرين قومي اي آءِ پاليسي جاري ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، معرڪه حق ۾ ڪاميابي کانپوءِ هاڻي اسان کي معرڪه ترقي جا هدف حاصل ڪرڻا آهن.

مزید خبریں