اسلام آباد -09 فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار يورپي يونين سان واپاري ۽ اقتصادي رابطا وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته يورپي يونين خاص طور تي جي ايس پي پلس فريم ورڪ تحت پاڪستان جو هڪ اهم اقتصادي حصيدار آهي، پاڪستان جي ايس پي پلس جا چار ٻه سالا جائزا ڪاميابي سان مڪمل ڪري چڪو آهي ۽ اڳتي به …
يورپي يونين خاص طور تي جي ايس پي پلس فريم ورڪ تحت پاڪستان جو هڪ اهم اقتصادي حصيدار آهي: اسحاق ڊار

مزید خبریں
اسلام آباد -09 فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار يورپي يونين سان واپاري ۽ اقتصادي رابطا وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته يورپي يونين خاص طور تي جي ايس پي پلس فريم ورڪ تحت پاڪستان جو هڪ اهم اقتصادي حصيدار آهي، پاڪستان جي ايس پي پلس جا چار ٻه سالا جائزا ڪاميابي سان مڪمل ڪري چڪو آهي ۽ اڳتي به پنهنجي ذميوارين کي مڪمل پاسداري سان جاري رکندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن يورپي يونين سان پاڪستان جي اقتصادي ۽ واپاري تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ قدمن جو جائزو وٺڻ جي لاءِ منعقد اعليٰ سطحي بين الوزارتي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار يورپي يونين سان واپاري ۽ اقتصقادي رابطن کي گهرو ۽ وسيع ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو ۽ چيو ته يورپي يونين خاص طور تي جي ايس پي پلس فريم ورڪ تحت پاڪستان جو هڪ اهم اقتصادي حصيدار آهي. هن ان ڳالهه کي اجاگر ڪيو ته پاڪستان ڪاميابي سان جي ايس پي پلس جا چار ٻه سالا جائزا مڪمل ڪري چڪو آهي ۽ ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان ان اسڪيم تحت پنهنجي ذميوارين جي مڪمل پاسداري سان جاري رکندو ته جيئن گڏيل طور تي ڪارائتي واپاري موقعن کي وڌيڪ فروغ ڏئي سگهجي. اجلاس ۾ قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير، وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، پرڏيهي سيڪريٽري سفير آمنه بلوچ، واپار، گهرو معاملن، سمنڊ پار پاڪستاني ۽ انساني حقن وارن وفاقي سيڪريٽرين، يورپي يونين ۾ پاڪستان جي سفير ۽ لاڳاپيل وفاقي ۽ صوبائي ادارن جي سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي.











