اسلام آباد-09 فيبروري (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني خلاف توشه خانه فوجداري ڪيس سان سلهاڙيل دائر درخواست تي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ ٽرائل ڪورٽ جي ڪارروائي کي غيرقانوني قرار ڏيندي گذارش ڪئي وئي هئي. عدالت ڌرين کي (اڄ) اڱارو 10 فيبروري لاءِ نوٽيس جاري ڪندي پي ٽي آءِ باني جي جيل ۾ موجوده حالتن بابت رپورٽ به طلب ڪري ورتي آهي. چيف …
سپريم ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ باني خلاف توشه خانه فوجداري ڪيس جي ٻڌڻي، ڌرين کي نوٽيس، جيل ۾ حالتن بابت رپورٽ طلب

مزید خبریں
اسلام آباد-09 فيبروري (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني خلاف توشه خانه فوجداري ڪيس سان سلهاڙيل دائر درخواست تي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ ٽرائل ڪورٽ جي ڪارروائي کي غيرقانوني قرار ڏيندي گذارش ڪئي وئي هئي. عدالت ڌرين کي (اڄ) اڱارو 10 فيبروري لاءِ نوٽيس جاري ڪندي پي ٽي آءِ باني جي جيل ۾ موجوده حالتن بابت رپورٽ به طلب ڪري ورتي آهي. چيف جسٽس سپريم ڪورٽ جسٽس يحيٰ آفريدي ۽ جسٽس شاهد بلال حسن تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ باني جي وڪيل لطيف کوسه موقف اختيار ڪيو ته کيس پنهنجي مؤڪل سان ملاقات اجازت ڏني وڃي. ان تي چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته ملاقات بابت سڀاڻي فيصلو ڪيو ويندو ۽ ٻي ڌر کي نوٽيس ڏيڻ کان سواءِ ڪو به حڪم جاري نٿو ڪري سگهجي. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي (اڄ) اڱاري تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ٻڌڻي دوران سپريم ڪورٽ سائفر ڪيس ۾ ٽه رڪني بئنچ جوڙڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو جڏهن ته القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني جي ضمانت رد ڪرڻ واري درخواست کي غير موثر ٿيڻ جي بنياد تي خارج ڪري ڇڏيو. اهڙي طرح توشه خانه ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي جون ضمانتون رد ڪرڻ واريون درخواستون غير موثر قرار ڏيندي خارج ڪري ڇڏيون. عدالت 9 مئي جي لاهور واقعن بابت پي ٽي آءِ باني جي ضمانت رد ڪرڻ وارين درخواستن تي به ٽه رڪني بئنچ جوڙڻ جو حڪم ڏنو، جڏهن ته سائفر ڪيس ۽ 9 مئي جي واقعن بابت ضمانتن جي رد ڪرڻ وارين درخواستن تي ٻڌڻي ٻن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي. هتِڪ عزت ڪيس ۾ شهباز شريف خلاف پي ٽي آءِ باني جي درخواست تي به ٻڌڻي ٻن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي جڏهن ته ان ڪيس ۾ به ٽه رڪني بئنچ جوڙڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو. سپريم ڪورٽ پي ٽي آءِ باني سان فوري ملاقات جي گذارش رد ڪندي وڪيل لطيف کوسه جي ملاقات واري درخواست تي حڪومت کي (اڄ) اڱارو 10 فيبروري لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. چيف جسٽس واضح ڪيو ته نوٽيس کان سواءِ ملاقات بابت ڪو به حڪم نٿو ڏئي سگهجي. چيف جسٽس يحييٰ آفريدي وڪيل لطيف کوسه سان ڳالهائيندي چيو ته ان مرحلي تي درخواست ٻڌڻ جوڳي هئڻ بابت اعتراضن جي رڪاوٽن کي پار ڪرڻو پوندو، جڏهن ته اها ڳالهه به نظر ۾ رکي ويندي ته پي ٽي آءِ باني جا ڪيس ٻين عدالتن ۾ به التويٰ هيٺ آهن. چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته عدالت آڏو هي ڪيس غير موثر ٿي چڪو آهي ۽ اهو طئي ڪرڻو پوندو ته آيا هي واقعي غير موثر آهي يا اڃا ان کي اڳيان هلائجي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته هي درخواست 24 آگسٽ 2023ع جي هڪ حڪمنامي خلاف داخل ڪئي وئي آهي.











