اين ڊي ايم اي فلسطين لاءِ وڌيڪ امدادي سامان روانو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد -09 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم پاڪستان جي خاص هدايت تي اين ڊي ايم اي فلسطين لاءِ وڌيڪ امدادي سامان روانو ڪري ڇڏيو آهي. 100 ٽن سامان تي ٻڌل مجموعي طور تي 28هين امدادي کيپ الخدمت فائونڊيشن جي سهڪار سان موڪلي وئي. اين ڊي ايم اي موجب 100 ٽن خيمن تي ٻڌل امدادي سامان خاص اڏام ذريعي علامه اقبال انٽرنيشنل ايئرپورٽ لاهور تان روانو ڪيو ويو. هن وقت …

اسلام آباد -09 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم پاڪستان جي خاص هدايت تي اين ڊي ايم اي فلسطين لاءِ وڌيڪ امدادي سامان روانو ڪري ڇڏيو آهي. 100 ٽن سامان تي ٻڌل مجموعي طور تي 28هين امدادي کيپ الخدمت فائونڊيشن جي سهڪار سان موڪلي وئي. اين ڊي ايم اي موجب 100 ٽن خيمن تي ٻڌل امدادي سامان خاص اڏام ذريعي علامه اقبال انٽرنيشنل ايئرپورٽ لاهور تان روانو ڪيو ويو. هن وقت 28  امدادي کيپن ذريعي موڪليل امداد جو مجموعي وزن 2727  ٽن آهي. سامان روانگي واري تقريب جو خاص مهمان پنجاب جو هائوسنگ وارو وزير ميان بلال ياسين هو. تقريب ۾ اين ڊي ايم اي ۽ پرڏيهي وزارت جي آفيسرن سميت حڪومتي ۽ الخدمت فائونڊيشن جي نمائندن به شرڪت ڪئي. پاڪستان حڪومت ۽ عوام هن ڏکئي وقت ۾ فلسطيني عوام سان گڏ بيٺل آهن ۽ سندن ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

مزید خبریں