اسلام آباد -09 فيبروري (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وزارت حج 2026ع جي منتظر حج پانڌيئڙن لاءِ اهم هدايتون جاري ڪندي سعودي ويزه بائيوميٽرڪ جي تاريخ ۾ واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان موجب هاڻي حج پانڌيئڙا پنهنجي بائيوميٽرڪ تصديق 17 فيبروري تائين مڪمل ڪرائي سگهندا. ترجمان واضح ڪيو ته حج ويزه حاصل ڪرڻ لاءِ بائيوميٽرڪ هڪ لازمي شرط آهي. ان عمل کان …
حج 2026ع جي حج پانڌيئڙن لاءِ سعودي ويزه بائيوميٽرڪ جي تاريخ ۾ واڌ، 17 فيبروري آخري تاريخ مقرر

مزید خبریں
اسلام آباد -09 فيبروري (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وزارت حج 2026ع جي منتظر حج پانڌيئڙن لاءِ اهم هدايتون جاري ڪندي سعودي ويزه بائيوميٽرڪ جي تاريخ ۾ واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان موجب هاڻي حج پانڌيئڙا پنهنجي بائيوميٽرڪ تصديق 17 فيبروري تائين مڪمل ڪرائي سگهندا. ترجمان واضح ڪيو ته حج ويزه حاصل ڪرڻ لاءِ بائيوميٽرڪ هڪ لازمي شرط آهي. ان عمل کان سواءِ ويزه جاري ڪرڻ ممڪن نه هوندو. حج پانڌيئڙا سعودي ويزه بائيوميٽرڪ جي مخصوص موبائيل ايپ ذريعي گهر ويٺي ئي پنهنجي سڃاڻپ مڪمل ڪرائي سگهندا. اهي حج پانڌيئڙا جيڪي ايپ استعمال نه ٿا ڪري سگهن، ملڪ جي 6 وڏن شهرن ۾ قائم سعودي تاشيره سينٽرز تي وڃي پنهنجي بائيوميٽرڪ ڪرائي سگهندا. ترجمان تاڪيد ڪئي ته تاشيره سينٽرز تان مليل رسيد يا تصديقي اي ميل کي پاڻ وٽ محفوظ رکن، ڇاڪاڻ ته اها مستقبل جي مرحلن ۾ ڪم ايندي. ترجمان جو چوڻ هو ته بائيو ميٽرڪ کان سواءِ حج ويزه نه لڳندي. سمورا حج پانڌيئڙا مقرره ڊيڊ لائين يعني 17 فيبروري تائين اهو عمل هر صورت ۾ مڪمل ڪرائي وٺن ته جيئن بعد ۾ کين ڪا ڏکيائي پيش نه اچي.











