دبئي -08 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي، ته عالمي سطح تي امن، ڳالهين ۽ گڏيل اعتماد کي هٿي وٺائڻ ۾ پارليامينٽ جو ڪردار نهايت اهم ۽ اڻٽر آهي. سينيٽ ميڊيا ڊائريڪٽوريٽ پاران جاري بيان موجب هو دبئي ۾ جمهوريه مالدووا جي پاڪستان بابت اعزازي قونصل سيد ڪاشف علي جي مقرري جي موقعي تي منعقد هڪ پروقار تقريب م خاص مهمان طور خطاب ڪري …
پارليامينٽ ڳالهين ۽ اعتماد سازي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي: سينيٽ چيئرمين

مزید خبریں
دبئي -08 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي، ته عالمي سطح تي امن، ڳالهين ۽ گڏيل اعتماد کي هٿي وٺائڻ ۾ پارليامينٽ جو ڪردار نهايت اهم ۽ اڻٽر آهي. سينيٽ ميڊيا ڊائريڪٽوريٽ پاران جاري بيان موجب هو دبئي ۾ جمهوريه مالدووا جي پاڪستان بابت اعزازي قونصل سيد ڪاشف علي جي مقرري جي موقعي تي منعقد هڪ پروقار تقريب م خاص مهمان طور خطاب ڪري رهيو هو. سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلانيءَ ڪاشف علي کي سندس مقرري تي مبارڪون ڏيندي چيو ته پاڪستان ۾ جمهوريه مالدووا جي اعزازي قونصل خاني جو قيام ٻنهي ملڪن وچ ۾ سفارتي، اقتصادي ۽ اداره جاتي لاڳاپن کي هٿي وٺائڻ لاءِ هڪ اهم سنگ ميل آهي، جيڪو گڏيل تعاون کي نئين سگهه ڏيندو. پنهنجي اهم خطاب م سيد يوسف رضا گيلاني پارلياماني سفارتڪاري جي ميدان م پاڪستان جي وڌندڙ ڪردار کي اجاگر ڪندي چيو ته پارليامينٽ عالمي ڳالهين، اعتماد سازي ۽ ڊگهي مدي واري عالمي سهڪار کي هٿي وٺائڻ لاءِ اثرائتو پليٽ فارم فراهم ڪري ٿي. هن واپار، زراعت، بچاءَ، فارماسويٽيڪلز، صحت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت سميت مختلف شعبن ۾ مالدووا سان سهڪار کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ واري پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. سينيٽ چيئرمين عالمي سفارتڪاري ۾ پنهنجي قيادت جي ڪردار جو ذڪر ڪندي چيو ته انٽر پارليمينٽري اسپيڪرز ڪانفرنس جي باني چيئرمين طور هو پارليامينٽن وچ ۾ رابطان ۽ گڏيل عمل کي هٿي وٺائڻ لاءِ سرگرم آهي. هن ڪمبوڊيا پاران هلندڙ سال ٻي آءِ ايس سي ڪانفرنس جي ميزباني جي اعلان جي آجيان ڪندي چيو ته اها فورم جي وڌندڙ عالمي اهميت ۽ پاڪستان جي ويزن جو واضح ثبوت اهي. تقريب ۾ شريڪ سفارتڪارن ۽ عالمي نمائندن سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني کي عالمي سطح تي ڳالهين ۽ سهڪار کي هٿي وٺائڻ وارين خدمتن جي تعريف ڪئي. تقريب جي پڄاڻي تي ان عزم جو اظهار به ڪيو ويو ته نئون اعزازي قونصل خانو پاڪسان ۽ جمهوريه مالدووا وچ ۾ دوستي، تعاون ۽ ڀائيواري جي اثرائتي پل ثابت ٿيندو.











