پاڻي کي جنگي هٿيار طور استعمال ڪرڻ عالمي قانون جي سخت ڀڃڪڙي آهي: پاڪستان

اسلام آباد-08 فيبروري (اي پي پي) ڀارت پاران سنڌ طاس معاهدي کي هڪ طرفي طور معطل ڪرڻ واري اعلان کان پوءِ پاڪستان قومي ۽ عالمي سطح تي اختيار ڪيل پنهنجي اصولي موقف ۾ اها ڳالهه واضح ڪئي آهي ته پاڻي کي جنگي هٿيار طور استعمال ڪرڻ عالمي قانون جي سخت ڀڃڪڙي آهي، جنهن جا خطي جي امن، انساني سلامتي ۽ ماحولياتي استحڪام تي ڏور رس اثر پئجي سگهن ٿا. پاڪستان …

اسلام آباد-08 فيبروري (اي پي پي) ڀارت پاران سنڌ طاس معاهدي کي هڪ طرفي طور معطل ڪرڻ واري اعلان کان پوءِ پاڪستان قومي ۽ عالمي سطح تي اختيار ڪيل پنهنجي اصولي موقف ۾ اها ڳالهه واضح ڪئي آهي ته پاڻي کي جنگي هٿيار طور استعمال ڪرڻ عالمي قانون جي سخت ڀڃڪڙي آهي، جنهن جا خطي جي امن، انساني سلامتي ۽ ماحولياتي استحڪام تي ڏور رس اثر پئجي سگهن ٿا. پاڪستان جو موقف آهي ته 1960ع وارو سنڌ طاس معاهدو هڪ قانوني طور تي پابند عالمي معاهدو آهي جنهن کي ڪا به ڌر هڪ طرفي طور معطل نٿي ڪري سگهي. ان معاهدي جو منصفاڻو ۽ بنا رڪاوٽ لاڳو ٿيڻ نه رڳو پاڪستان جي آبي حقن پر ڏکڻ ايشيا ۾ استحڪام ۽ اعتماد سازي لاءِ به بنيادي اهميت رکي ٿو. پاڪستان عالمي قانون جي پاسداري ڪندي پاڻي کي تڪرار يا دٻاءُ لاءِ اوزار طور استعمال ڪرڻ جي هر ڪوشش کي رد ڪندو رهيو آهي. انهي روشني ۾ آبي ذخيرن جي اهميت تي به زور ڏنو پيو وڃي، جن کي ماحولياتي توازن، غذائي تحفط، معاشي سرگرمين ۽ روز مره جي زندگي سان سڌي ريت ڳنڍيل قرار ڏنو ويندو آهي. ڍنڍون، گليشيئرز، مقامي آبي ذخيرا، سامونڊي علائقا ۽ مينگروز نه رڳو قدرتي وسيلا آهن پر لکين ماڻهن جي روزگار ۽ ملڪ جي ماحولياتي تحفظ جو بنياد به آهن. آبي ذخيرن ۾ گهٽتائي جي نتيجي ۾ ڏڪار، پوڏ، غذائي کوٽ، مهنگائي ۽ معاشي دٻاءُ جهڙا مسئلا شدت اختيار ڪري سگهن ٿا، جنهن سان قومي سلامتي جا خدشا به جنم وٺن ٿا. حڪومتي سطح تي اهو موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته آبي ذخيرن جو تحفظ رڳو موسمياتي تبديلي کي نظر ۾ رکندي هڪ ماحولياتي زميواري ناهي پر انفرادي ۽ اجتماعي سطح تي سماجي ڀلائي جي ضمانت به آهي. اهڙي سوچ تحت پاڪستان 1971ع جي عالمي آبي ذخيرن جي معاهدي جي گهرجن موجب آبي وسيلن جي پائيدار استعمال ۽ تحفظ جي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو. وزيراعظم محمد شهباز شريف هلندڙ مهيني آبي ذخيرن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي ان ئي نقطي کي اجاگر ڪندي آبي ذخيرن کي قومي، ماحولياتي، سماجي ۽ ثقافتي اثاثو قرار ڏنو هو. ڀارتي قدمن کي نظر ۾ رکندي آبي سلامتي جي خدشن کي وڌيڪ سنگين قرار ڏنو پيو وڃي، خاص ڪري انهي لاءِ ته موسمياتي تبديلي سبب گليشيئرز جي ڳرڻ ۾ غير معمولي اضافو ٿي رهيو آهي. ان حوالي سان رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال ان ڳالهه جي نشاندهي ڪندي چيو آهي ته سنڌ طاس معاهدي جي معطلي خطي جي امن ۽ پاڪستان جي آبي حقن لاءِ سنگين خطرو آهي ۽ ڀارتي آبي جارحيت جو مقصد پاڪستان کي پاڻي جي بحران طرف ڌڪڻ آهي. انهن خدشن کي نظر ۾ رکندي حڪومت نيشنل واٽر سيڪيورٽي ٽاسڪ فورس قائم ڪيو آهي جنهن ۾ آبي وسيلن وارو وفاقي وزير ميان محمد معين وٽو به شامل آهي. پارلياماني سطح تي به ان معاملي کي قومي سلامتي کي نظر ۾ رکندي ڏٺو ويو آهي. قومي اسيمبلي هلندڙ مهيني ڪشمير سان سلهاڙيل متفقه ٺهراءَ ۾ ڀارت جي هڪ طرفي قدمن کي رد ڪندي واضح ڪيو ته سنڌ طاس معاهدي تي ڪو به هڪ طرفو فيصلو علائقائي استحڪام لاءِ خطرو ۽ پاڪستان خلاف جنگ جو اعلان تصور هوندو. ٺهراءَ ۾ ان ڳالهه تي به زور ڀريو ويو ته گڏيل وسيلن سان ڳنڍيل عالمي معاهدن جي ڀڃڪڙي پوري خطي کي عدم استحڪام ڏانهن ڌڪي ڇڏيندي. عالمي سطح تي به پاڪستان ان مسئلي کي گڏيل قومن ۾ ڀرپور انداز ۾ اجاگر ڪيو آهي. جاري مهيني ۾ سلامتي ڪائونسل ۾ ”عالمي امن ۽ سلامتي جي تحفظ لاءِ معاهدن جي حرمت برقرار رکڻ“ جي عنوان سان منعقد اجلاس ۾ ان ڳالهه تي زور ڀريو ويو ته معاهدا قانوني طور تي پابند دستاويز هوندا آهن ۽ گڏيل قدرتي وسيلا، سرحدون ۽ سرحد پار چئلينجز جي نظم و نسق ۾ استحڪام جو ذريعو بڻجندا آهن. ان اجلاس کي خطاب ڪندي گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد واضح ڪيو هو ته سنڌ طاس معاهدو بدستور لاڳو عمل آهي ۽ ان تحت تڪرار جي حل جو طريقيڪار لازم ۽ پابند آهي. مبصرن موجب قومي بيانئي، پارلياماني موقف، پاليسي قدمن ۽ گڏيل قومن ۾ سفارتي سرگرمين جو اهو تسلسل ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿو ته پاڪستان پنهنجي آبي حقن جي تحفظ، عالمي قانون جي حڪمراني ۽ خطي ۾ امن کي هٿي وٺائڻ لاءِ مربوط ۽ مستقل حڪمت عملي تحت اڳيان وڌي رهيو آهي.

مزید خبریں