دهشتگرد ڪجهه ٽَڪن عيوض مسلمانن جو رتُ وهائي رهيا آهن، کين مڪمل ناڪيل وجهنداسين: عطا الله تارڙ

لاهور-07 فيبروري (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا الله تارڙ ترلائي سانحي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگرد ڪجهه ٽَڪن عيوض مسلمانن جو رتُ وهائي رهيا آهن، سندن گهيرو تنگ ٿي رهيو آهي، کين مڪمل ناڪيل وجهنداسين، ترلائي سانحي تي سڄي ملڪ جي فضا سوڳوار آهي، آپگهاتي بمبار جي سڃاڻپ ٿي چڪي آهي، وڌيڪ جاچ جاري آهي، اسان جو عزم واضح آهي ته دهشتگردن کي ناهي …

لاهور-07 فيبروري (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا الله تارڙ ترلائي سانحي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگرد ڪجهه ٽَڪن عيوض مسلمانن جو رتُ وهائي رهيا آهن، سندن گهيرو تنگ ٿي رهيو آهي، کين مڪمل ناڪيل وجهنداسين، ترلائي سانحي تي سڄي ملڪ جي فضا سوڳوار آهي، آپگهاتي بمبار جي سڃاڻپ ٿي چڪي آهي، وڌيڪ جاچ جاري آهي، اسان جو عزم واضح آهي ته دهشتگردن کي ناهي ڇڏڻو، دهشتگردن لاءِ زمين تنگ ڪري ڇڏينداسين، ملڪي سلامتي لاءِ پاڪ فوج قربانين جا داستان لکي رهي آهي، حڪومت شهيدن جي وارثن جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي، سوڳوار خاندانن کي اڪليو نه ڇڏينداسين، وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي ترلائي سانحي جي زخمين کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪئي پئي وڃي. اهڙو اظهار

هن گذريل ڏينهن مدرسه منهاج الحسين ۾ ڊاڪٽر محمد حسين اڪبر ۽ ٻين عالم سڳورن سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته ترلائي سانحي تي سڄي ملڪ جي فضا سوڳوار آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ شرپسندي ۽ بدامني پکيڙڻ جي هر گز ڪنهن کي اجازت نه ڏينداسين، واقعي ۾ ملوث عنصرن کي جلد ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو. هن ترلائي سانحي ۾

قيمتي انساني جانيون ضايع ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته نمازين کي نشانو بڻائڻ نهايت بزدلاڻو ۽ ڪُڌو فعل آهي جنهن جي جيتري مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ امن امان خراب ڪندڙ ۽ فرقيواريت پکيڙڻ جي ڪنهن کي اجازت ناهي، رياست عوام جي جان ۽ مال ۽ عبادتگاهن جي تحفظ لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته دهشتگردن جو ڪو به مذهب ۽ دين ناهي هوندو، سندن ڪم صرف ۽ صرف ان طرح جي انسانيت کان ڪِريل ۽ شرمناڪ ڪم سرانجام ڏيڻ هوندو آهي، ڪجهه ٽَڪن عيوض انسانيت جو قتل ڪندڙ انسان نه پر وحشي حيوان آهن انهن کي انسان چوڻ انسانيت جي توهين آهي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ دهشتگردي ڪندڙ عنصرن کي پرڏيهي پٺڀرائي حاصل آهي، دشمن پاڪستان جي امن، يڪجهتي ۽ ترقي کي نقصان پهچائڻ چاهي ٿو، قوم دهشتگردن خلاف متحد آهي ڪنهن به صورت ۾ ملڪ ۾ شدت پسندي ۽ دهشتگردي جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. هن چيو ته واقعي ۾ ملوث انهن فتنه الخوارج جي دهشتگردن ۽ سندن سهولتڪارن کي جلد ڪيفر ڪردار تائين پهچائينداسين، انهن جي خاتمي ۾ ئي ملڪ ۽ قوم جي بهتري آهي. هن چيو ته ترلائي سانحي جي آپگهاتي بمبار جي سڃاڻپ ٿي چڪي آهي، آپگهاتي بمبار افغانستان مان دهشتگردي جي ڪارروائين جي تربيت حاصل ڪئي، ڌماڪن پويان ڀارت ۽ افغانستان جهڙا پلانٽڊ عنصر موجود آهن، فرانزڪ ٽيم ۽ سيڪيورٽي ادارن واقعي جا ثبوت هٿ ڪري ورتا آهن، وڌيڪ جاچ جاري آهي، جلد حقيقتون عوام آڏو رکنداسين. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم جي هدايت تي گهرو وزير محسن نقوي امام بارگاهه جي انتظاميه سان ملاقات ڪئي، وزيراعظم واقعي جي مڪمل ۽ شفاف جاچ جي هدايت ڏيندي ذميوارن جي فوري تعين جو حڪم ڏنو آهي، امام بارگاهه جي انتظاميه کي هر ممڪن تعاون ۽ جاچ جي خاطري ڪرائي آهي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي مدبراڻي قيادت ۾ پيغام امن ڪميٽي جي قيام جو مقصد به ملڪ ۾ امن کي هٿي ڏيڻ ۽ دهشتگردن جي بياني جو خاتمو آهي، پيغام امن ڪميٽي ۾ زندگي جي سمورن شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهو شامل آهن، جيڪي امن جي بياني کي ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ تائين پهچائي رهيا آهن. هن چيو ته واقعي ۾ زخمي ٿيل 170 ماڻهن کي هر ممڪن طبي سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. شهيدن جي والدين کي اڪيلو نه ڇڏينداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته دهشتگرد آخري ساهه کڻي رهيا آهن، هارڊ ٽارگيٽ تائين سندن پهچ ختم ٿي چڪي آهي، هاڻي سافٽ ٽارگيٽ لاءِ ڏورانهن علائقن ۾ ڪارروائيون ڪري رهيا آهن، دهشتگرد پنهنجي خاتمي جي ويجهو آهن، جلد سندن خاتمو ڪيو ويندو. هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته پاڪ فوج ۽ سيڪيورٽي ادارا ملڪ کي امن جو گهوارو بڻائڻ لاءِ رات ڏينهن ڪوششون ڪري رهيا آهن، پاڪ فوج ملڪي سلامتي لاءِ قربانين جا داستان لکي رهي آهي. اسلام آباد آپگهاتي ڌماڪي ۾ آءِ جي اسلام آباد علي ناصر رضوي جو ويجهو رشتيدار به فوت ٿي ويو، دهشتگردن جي ڪارروائين سان اسان جو جذبو گهٽ ناهي ٿيو پر وڌيڪ وڌي رهيو آهي. هن چيو ته ترلائي سانحي جي سهولتڪارن جو تعين ڪيو ويو آهي، کين ڪيفر ڪردار تائين پهچائينداسين. عطا الله تارڙ چيو ته اسان جي سيڪيورٽي فورسز جي مهارت کي دنيا تسليم ڪري ٿي، سيڪيورٽي فورسز پوري طرح الرٽ آهي، انٽيليجنس بيسڊ آپريشن جاري رهندا ، جعفر ايڪسپريس جي ڪامياب آپريشن تي سڄي دنيا جون انٽيليجنس ايجنسيون پاڪستان جو اعتراف ڪن ٿيون. هن چيو ته اسان جو عزم واضح آهي ته اسان کي دهشتگردن کي ناهي ڇڏڻو، آپريشن رد الفساد ۽ آپريشن ضرب عضب کانپوءِ امن امان قائم

ٿي چڪو هو، طالبان خان جي سوچ انهن دهشتگردن کي واپس آڻي آباد ڪيو هو جنهن جو نتيجو اڄ اسان ڀوڳي رهيا آهيون. هن چيو ته ان دهشتگردي جي پويان پي ٽي آءِ آهي. هن چيو ته گهرو وزير ۽ گهرو وزارت پوري طرح متحرڪ آهن. پريس ڪانفرنس ۾ وفاقي وزير عطا الله تارڙ نوابزاده نصر الله خان جو هي شعر

”اڪ برق بلا ڪوند گئي ساري چمن پر

تم خوش ڪه ميري شاخ نشيمن هي جلي هي

ڪب اشڪ بهاني سي ڪٽي هي شب هجران!

ڪب ڪوئي بلا صرف دعائون سي ٽلي سي!

دو حق و صداقت جي شهادت سر مقتل

اٺو! ڪه يهي وقت ڪا فرمانِ جلي هي!

هم راه روِ دشت بلا روز ازل سي

اور قافله سالار حسين ابن علي هي!“

به پڙهيو ۽ هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي. ان موقعي تي ڊاڪٽر محمد حسين اڪبر چيو ته عبادتگاهن کي نشانو بڻائڻ انسانيت خلاف سنگين ڏوهه آهي، دشمن اسان کي ڪمزور ڪرڻ چاهين ٿا، پاڪستان کي غير مستحڪم ڪندڙن خلاف پوري قوم متحد آهي، دهشتگردن کي منهن جي کائڻي پوندي، سڀ گڏجي سندن سازش ناڪام بڻائينداسين. هن چيو ته پاڪستان ۾ دهشتگردي جي ڪا به جڳهه ناهي، آپگهاتي حملي جي جاچ کانپوءِ حقيقتن کي منظرعام تي آڻيندي آپگهاتي حملي ۾ ملوث شرپسندن ۽ سندن سهولتڪارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻي قرار واقعي سزا ڏيڻ گهرجي. ان کانپوءِ سمورن مڪتب فڪر جي عالم  سڳورن وفاقي وزير سان گڏجي هٿن جي زنجير ٺاهي ۽ اتحاد جو مظاهرو.

مزید خبریں