اسلام آباد -07 فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار کي آذربائيجان جي پرڏيهي وزير جيهون بيراموف ٽيليفون ڪئي. ڇنڇر ڏينهن پرڏيهي آفيس مُوجب پرڏيهي وزير بيراموف اسلام آباد ۾ ڌماڪي جي متاثرين لاءِ آذربائيجان جي صدر، حڪومت ۽ عوام طرفان تعزيت ۽ دعا ڪندي پاڪستان سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. نائب وزيراعظم حملي جي سخت مذمت ڪئي ۽ دهشتگردي جي خطري کي منهن …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار کي آذربائيجان جي پرڏيهي وزير جيهون بيراموف جي ٽيليفون

مزید خبریں
اسلام آباد -07 فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار کي آذربائيجان جي پرڏيهي وزير جيهون بيراموف ٽيليفون ڪئي. ڇنڇر ڏينهن پرڏيهي آفيس مُوجب پرڏيهي وزير بيراموف اسلام آباد ۾ ڌماڪي جي متاثرين لاءِ آذربائيجان جي صدر، حڪومت ۽ عوام طرفان تعزيت ۽ دعا ڪندي پاڪستان سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. نائب وزيراعظم حملي جي سخت مذمت ڪئي ۽ دهشتگردي جي خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي عزم کي ورجايو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي موجوده علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ پاڪستان ۽ آذربائيجان جي پُراڻي ڀائيواري جي عزم کي ورجايو.











