تاجڪستان جي صدر پاران اسلام آباد جي مسجد ۾ دهشتگرد حملي ۾ بيگناهه جانين جي نقصان تي صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي نالي تعزيتي پيغام

اسلام آباد -07 فيبروري (اي پي پي)  جمهوريه تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان اسلام آباد جي مسجد ۾ دهشتگرد حملي ۾ بيگناهه جانين جي نقصان تي صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي نالي تعزيتي پيغام موڪليو آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب، پيغام ۾ تاجڪستان جي صدر شهيدن جي لاءِ الله تعاليٰ کان مغفرت ۽ رحمت جڏهن ته زخمين جي جلد ۽ مڪمل صحتيابي …

اسلام آباد -07 فيبروري (اي پي پي)  جمهوريه تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان اسلام آباد جي مسجد ۾ دهشتگرد حملي ۾ بيگناهه جانين جي نقصان تي صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي نالي تعزيتي پيغام موڪليو آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب، پيغام ۾ تاجڪستان جي صدر شهيدن جي لاءِ الله تعاليٰ کان مغفرت ۽ رحمت جڏهن ته زخمين جي جلد ۽ مڪمل صحتيابي جي دعا ڪئي آهي. تعزيتي پيغام ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته تاجڪستان هن بي رحماڻي دهشتگرد ڪارروائي ۽ عام طور تي دهشتگردي جي سڀني شڪلين جي سخت مذمت ڪري ٿو ۽ سدائين ان ڳالهه تي زور ڏيندو رهيو آهي ته هن ناسُور جي خلاف مسلسل ۽ زوردار جدوجهد اڻٽر آهي.

مزید خبریں