اي اين ايف پاران منشيات اسمگلنگ خلاف ڪريڪ ڊائون، 10 جوابدار گرفتار

اسلام آباد -07 فيبروري (اي پي پي) اينٽي نارڪوٽڪس فورس (اي اين ايف) تعليمي ادارن جي آسپاس ۽ ملڪ جي مختلف شهرن ۾ منشيات اسمگلنگ خلاف ڪريڪ ڊائون ڪندي ڪارروائين ۾ 87 لک روپين جي ماليت جي 87.52 ڪلوگرام منشيات هٿ ڪري 10 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. گذريل ڏينهن اي اين ايف جي ترجمان پاران جاري بيان موجب تعليمي ادارن ۾ ڪارروائين دوران اٽڪ ۾ ڪاليج آڏو 2 جوابدارن …

اسلام آباد -07 فيبروري (اي پي پي) اينٽي نارڪوٽڪس فورس (اي اين ايف) تعليمي ادارن جي آسپاس ۽ ملڪ جي مختلف شهرن ۾ منشيات اسمگلنگ خلاف ڪريڪ ڊائون ڪندي ڪارروائين ۾ 87 لک روپين جي ماليت جي 87.52 ڪلوگرام منشيات هٿ ڪري 10 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. گذريل ڏينهن اي اين ايف جي ترجمان پاران جاري بيان موجب تعليمي ادارن ۾ ڪارروائين دوران اٽڪ ۾ ڪاليج آڏو 2 جوابدارن جي قبضي مان 690 گرام چرس ۽ اٽڪ ۾ هڪ ٻي ڪارروائي ۾ ڪاليج آڏو جوابدار کان 316 گرام چرس هٿ ڪري ورتو. گرفتار جوابدارن تعليمي ادارن جي شاگردن کي منشيات وڪرو ڪرڻ جو اعتراف ڪري ورتو. ٻين ڪارروائين ۾ علامه اقبال ايئرپورٽ تي عمري تي ويندڙ مسافر جي پيٽ مان 120 گرام وزني 10 ڪوڪين سان ڀريل ڪيپسول هٿ ڪيا ويا.  شير شاهه ٽول پلازه ملتان ويجهو ٽرڪ مان 28.8 ڪلو چرس ۽ 5 ڪلو آئيس هٿ ڪري جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو. شاليمار پُل لاهور ۾ 2 جوابدارن کان 20.4 ڪلوگرام چرس هٿ ڪيو ويو. موٽر وي ٽول پلازه اسلام آباد ويجهو گاڏي مان 20.4 ڪلوگرام چرس هٿ ڪري 2 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو. شاليمار پل لاهور ۾ هڪ ٻي ڪارروائي ۾ موٽر سائيڪل سوار جوابدار کان 10.8 ڪلو چرس ۽ هڪ ڪلو آفيم هٿ ڪيو ويو. ڪارروائين جو ڪيس منشيات روڪٿام ايڪٽ 1997تحت داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

مزید خبریں