اسلام آباد-06 فيبروري (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب اسلام آباد آپگهات حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي وڏي پيماني تي قيمتي انساني حياتين جي نقصان تي سخت ڏُک ۽ غم جو اظهار ڪيو آهي. جاري بيان ۾ ناڻي واري وزير چيو ته هي آپگهات حملو پاڪستان جي امن، استحڪام ۽ معيشت جي ترقيءَ خلاف هڪ گهري سازش آهي. هن چيو ته دشمن قوتون پاڪستان …
ناڻي واري وفاقي وزير پاران اسلام آباد آپگهات حملي جي مذمت

مزید خبریں
اسلام آباد-06 فيبروري (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب اسلام آباد آپگهات حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي وڏي پيماني تي قيمتي انساني حياتين جي نقصان تي سخت ڏُک ۽ غم جو اظهار ڪيو آهي. جاري بيان ۾ ناڻي واري وزير چيو ته هي آپگهات حملو پاڪستان جي امن، استحڪام ۽ معيشت جي ترقيءَ خلاف هڪ گهري سازش آهي. هن چيو ته دشمن قوتون پاڪستان جي معاشي استحڪام کان ڊنل آهن، هي ڌماڪو سڄي ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي ماحول ۽ قومي اعتماد کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش آهي. هن چيو ته پاڪستان جي ترقيءَ جو سفر جاري رهندو ۽ دشمن جا ناپاڪ اِرادا ناڪام بڻائينداسين. هن شهيدن کي خراجِ عقيدت پيش ڪندي پونئيرن سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو. هن زخمين جي جلد صحتيابيءَ لاءِ به دُعا ڪئي.











