اسلام آباد-06 فيبروري (اي پي پي) گهرو معاملن جي مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو آهي ته ترلائي امام بارگاهه آپگهات ڌماڪي ۾ 31 ڄڻا شهيد، 100 کان وڌيڪ زخمي ٿيا. هڪ لڳي 42 منٽن ڌماڪو ٿيو، آپگهات ڪندڙ کي امام بارگاهه جي اڳين صف تائين پهچڻ کان روڪيو ويو ته هن فائرنگ شروع ڪري ڏني ۽ گيٽ تي ئي ڌماڪو ڪري ڇڏيو، آپگهات ڪندڙ جي سُڃاڻپ ٿي وئي آهي. سمورا …
ترلائي امام بارگاهه ۾ ٿيل آپگهات ڌماڪي ۾ 31 ڄڻا شهيد، 100 کان وڌيڪ زخمي، روڪڻ تي آپگهات ڪندڙ فائرنگ ڪئي، آپگهات ڪندڙ جي سُڃاڻپ ٿي وئي آهي: گهرو معاملن جو مملڪتي وزير طلال چوڌري

مزید خبریں
اسلام آباد-06 فيبروري (اي پي پي) گهرو معاملن جي مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو آهي ته ترلائي امام بارگاهه آپگهات ڌماڪي ۾ 31 ڄڻا شهيد، 100 کان وڌيڪ زخمي ٿيا. هڪ لڳي 42 منٽن ڌماڪو ٿيو، آپگهات ڪندڙ کي امام بارگاهه جي اڳين صف تائين پهچڻ کان روڪيو ويو ته هن فائرنگ شروع ڪري ڏني ۽ گيٽ تي ئي ڌماڪو ڪري ڇڏيو، آپگهات ڪندڙ جي سُڃاڻپ ٿي وئي آهي. سمورا ريسڪيو ادارا 10 کان 12 منٽن اندر واقعي واري هنڌ تي پهتا، اهي دهشتگرد الله جي راهه ۾ نه ڊالر خاطر ڌماڪا ڪن ٿا، جيترا وڌيڪ ماڻهو مرندا اوترن ماڻهن عيوض کين ڊالر ملن ٿا. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته جاچ جاري آهي ۽ انهن جي سهولتڪارن تائين پهچڻ جون ڪوششون جاري آهن، ان شاءَ الله 72 ڪلاڪن اندر اسان سمورا هينڊلز ۽ ان واقعي ۾ ملوث ماڻهن بابت تفصيلي رپورٽ وزيراعظم جي حڪم تي پيش ڪري ڇڏينداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ گهرو مملڪتي وزير جو چوڻ هو ته اها سيڪيورٽيءَ جي ناڪامي ناهي، اهو هڪ ردِعمل آهي ڇاڪاڻ ته اسان دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ فرنٽ لائن رياست آهيون ۽ اسان پوري دنيا جي حفاظت ڪري رهيا آهيون، ان لاءِ اسان مٿان حملا جاري آهن، اهي صرف ان ديوار کي ڪمزور ڪرڻ چاهين ٿا ۽ اها ديوار پاڪستان آهي. جيڪڏهن اها ديوار ڪمزور ٿي ته اها باهه اسان جي سرحدن تائين نه رڪبي. اها اسان جي ذميداري آهي، اسان هڪ اهم ذميدار رياست آهيون ۽ پنهنجي ذميداري پوري ڪري رهيا آهيون، اسان اها جنگ کٽڻ وڃي رهيا آهيون ۽ اسان اها جنگ کٽي رهيا آهيون. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سمورا سيڪيورٽي ادارا پنهنجو ڪم ڪري رهيا آهن، ان ڪارروائيءَ کان پوءِ آپگهات بمبار جي سڃاڻپ ٿي چڪي آهي، جيڪڏهن اسان کي معلوم آهي ته هن ڪٿان سفر ڪيو ته باقي ڄاڻ به سامهون اچي ويندي، پر جيستائين جاچ مڪمل نٿي ٿئي، ڪيتريون ئي معلومات عام نٿيون ڪري سگهجن ته جيئن شرپسند ان جو فائدو نه کڻي سگهن، پر اهو يقين رکو ته اسلام آباد ۾ ٿيل گذريل حملي جي هينڊلز کان وٺي ان ۾ شامل هڪ هڪ شخص کي پڪڙيو ويو آهي ۽ ان سان قانون موجب مُنهن ڏنو پيو وڃي، کين به ان شاءَ الله تمام جلد پڪڙيو ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان تيستائين محفوظ ٿيندو جڏهن اسان پوري پاڪستان کي محفوظ ڪنداسين، اسلام آباد جون سرحدون ڪي پي ڪي سان ملن ٿيون ۽ هي هڪ ڊگهي سرحد آهي. اسلام آباد پاڪستان جو پهريون شهر آهي جيڪو سيف سٽي کان اڳتي وڌي هاڻ سمارٽ سٽي بڻجڻ وڃي رهيو آهي. هن سال سمارٽ سٽي جي منصوبي تحت ڪئميرائون ۽ ٻي ٽيڪنالاجي تي وڏي سيڙپڪاري ڪئي پئي وڃي، سمورا ادارا جديد اوزار رکندڙ آهن ۽ انهن جي صلاحيتن ۾ واڌ ڪئي پئي وڃي. اسلام آباد ۾ جيڪي به افسوسناڪ واقعا ٿيا چاهي اهي گذريل ڌماڪا هجن يا ٽارگيٽ ڪلنگ 100 سيڪڙو ملزمن کي پڪڙيو ويو آهي ۽ کين منتقي انجام تائين پهچايو ويو. هن ٻُڌايو ته حملي آور کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ان فائرنگ ڪئي ۽ جيترو نقصان ڪرڻ چاهيندو هو، هو ان ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيو ۽ مسجد جي اڳين صف تائين پهچڻ کان پهرين ئي داخلي رستي تي ڦاٽي پيو، ڇاڪاڻ ته امام بارگاهه جو سيڪيورٽي نظام مڪمل فعال هو، اهو چوڻ ته سيڪيورٽي ڪمزور آهي درست ناهي. ادارا ڪم ڪري رهيا آهن ۽ اوهان تسلي رکو ته اسلام آباد جي انتظاميه شهرين کي هڪ پُرامن شهر ڏيڻ جي پوري صلاحيت رکي ٿي. جي – 15 ۾ اسڪولن ۽ ڪاليجن جون ڀتيون نه هئڻ جي سوال تي سندس چوڻ هو ته اسڪولن جون ڀتيون ٺاهڻ تعليم واري وزارت جو ڪم آهي، اها وزارت گهرو يا سي ڊي اي جي دائره اختيار ۾ نٿي اچي، جيستائين سيڪيورٽي جو تعلق آهي اسان ان جا ذميدار آهيون. اسان جون ٽيمون جديد ٽيڪنالاجي ۽ پيشيوراڻي مهارت ذريعي گهڻن ئي حملن کي وقت کان پهرين روڪيو آهي. اسلام آباد پوليس آءِ جي جي اڳواڻيءَ ۾ هر ڪيس کي حل ڪيو آهي، اهو ڪو آسان ڪم ناهي. مون سان اهي آفيسر بيٺل آهن جن جي ساٿين ۽ ڀائرن جانين جو نذرانو ڏنو آهي، اسان پنهنجي ذميداري پوري ڪري رهيا آهيون. رهي پاڪستان جي ڏڻن جي ڳالهه ته اهي رونقون جاري رهنديون. اهو ئي ته دهشتگرد چاهين ته پاڪستان رڪجي وڃي، هتي رانديون نه ٿين، وفد نه اچن، اسان اهو نه ڪنداسين جيڪو دهشتگرد چاهين ٿا، اسان جا حوصلا بلند آهن.











