وفاقي وزير خالد حسين مگسي پاران ترلائي ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت

اسلام آباد-06 فيبروري (اي پي پي) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير خالد حسين مگسي ترلائي ۾ امام بارگاهه تي آپگهات ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي ان کي امن، انسانيت ۽ قومي اتحاد خلاف سنگين ڏوهه قرار ڏنو آهي. پنهنجي مذمتي بيان ۾ هن چيو ته عبادتگاهه کي نشانو ٻڻائڻ بزدلاڻو ۽ نفرت جوڳو فعل آهي جنهن جو ڪنهن به مذهب يا فرقي سان ڪو تعلق ناهي. هن …

اسلام آباد-06 فيبروري (اي پي پي) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير خالد حسين مگسي ترلائي ۾ امام بارگاهه تي آپگهات ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي ان کي امن، انسانيت ۽ قومي اتحاد خلاف سنگين ڏوهه قرار ڏنو آهي. پنهنجي مذمتي بيان ۾ هن چيو ته عبادتگاهه کي نشانو ٻڻائڻ بزدلاڻو ۽ نفرت جوڳو فعل آهي جنهن جو ڪنهن به مذهب يا فرقي سان ڪو تعلق ناهي. هن واضح ڪيو ته دهشتگرد ڪنهن مذهب جي نمائنده نه پر اهي انسانيت جا دشمن آهن جيڪي معاشري ۾ خوف ۽ هراس ڦهلائڻ چاهين ٿا. وفاقي وزير چيو ته حڪومت ۽ سيڪيورٽي ادارا دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ پُرعزم آهن ۽ اهڙين ڌُرين کي پنهنجي ناپاڪ اِرادن ۾ ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو. هن قوم تي زور ڀريو ته هو اتحاد ۽ يڪجهتيءَ جو مظاهرو ڪندي دهشتگردي خلاف گڏيل مؤقف اختيار ڪن. خالد حسين مگسي ڌماڪي جي نتيجي ۾ معصوم جانين جي نقصان تي دلي ڏُک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي شهيدن جي پونئيرن سان مڪمل يڪجهتيءَ جو اعلان ڪيو. هن زخمين جي جلد صحتيابيءَ لاءِ پڻ دُعا ڪئي.

مزید خبریں