ريلوي واري وفاقي وزير پاران اسلام آباد ۾ ٿيل ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت

اسلام آباد-06 فيبروري (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي اسلام آباد جي علائقي ترلائي ۾ واقع امام بارگاهه ۾ ٿيل آپگهات ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير ڌماڪي ۾ معصوم نمازين جي شهادت تي گهري ڏُک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ان واقعي تي پوري قوم ڏکويل آهي. هن شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ زخمين جي …

اسلام آباد-06 فيبروري (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي اسلام آباد جي علائقي ترلائي ۾ واقع امام بارگاهه ۾ ٿيل آپگهات ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير ڌماڪي ۾ معصوم نمازين جي شهادت تي گهري ڏُک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ان واقعي تي پوري قوم ڏکويل آهي. هن شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ زخمين جي جلد کان جلد صحتيابيءَ جي دُعا ڪئي. محمد حنيف واضح ڪيو ته ظالم ڌُرين جو ڪنهن مذهب يا قوم سان ڪو تعلق ناهي. هن چيو ته اهڙا بزدلاڻا حملا پاڪستاني قوم جا حوصلا خطا ڪرڻ ۾ ڪڏهن ڪامياب نه ٿيندي پر هي قوم کي دشمن خلاف وڌيڪ متحد ڪن ٿا. وفاقي وزير جو چوڻ هو ته دهشتگرد پنهنجي ناپاڪ مقصدن کي حاصل ڪرڻ ۾ هميشه ناڪام رهندا ڇاڪاڻ ته پاڪستان جا سمورا رياستي ادارا ۽ پوري قوم دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ هڪ ئي صف تي بيٺل آهن.

مزید خبریں