اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان جي اڳوڻي گورنر ڊاڪٽر شمشاد اختر جي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ هتي تعزيتي ريفرنس منعقد

ڪراچي-05 جنوري(اي پي پي)اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان جي اڳوڻي گورنر ۽ معاشي ماهر ڊاڪٽر شمشاد اختر جي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ جمعي ڏينهن تعزيتي ريفرنس منعقد ٿيو. سندس لاڏاڻي کي ملڪ لاءِ ناقابل تلافي نقصان قرار ڏنو ويو. اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان جي گورنر جميل احمد تعزيتي ريفرنس ۾ پاڪستان جي مالي ۽ اقتصادي منظرنامي ۾ ڊاڪٽر شمشاد اختر جي خدمتن کي اجاڳر ڪيو. ريفرنس ۾ اسٽيٽ …

ڪراچي-05 جنوري(اي پي پي)اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان جي اڳوڻي گورنر ۽ معاشي ماهر ڊاڪٽر شمشاد اختر جي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ جمعي ڏينهن تعزيتي ريفرنس منعقد ٿيو. سندس لاڏاڻي کي ملڪ لاءِ ناقابل تلافي نقصان قرار ڏنو ويو. اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان جي گورنر جميل احمد تعزيتي ريفرنس ۾ پاڪستان جي مالي ۽ اقتصادي منظرنامي ۾ ڊاڪٽر شمشاد اختر جي خدمتن کي اجاڳر ڪيو. ريفرنس ۾ اسٽيٽ بينڪ جي اڳوڻن گورنرن، ڪمرشل بينڪن جي صدرن، چيف ايگزيڪيوٽو آفيسرن، مالي شعبي جي سينيئر شخصيتن ۽ اسٽيٽ بينڪ جي عهديدارن شرڪت ڪئي. گورنر جميل احمد ياد ڏياريو ته جنوري 2006ع ۾ ڊاڪٽر شمشاد اختر جو اسٽيٽ بينڪ جي 14 هين ۽ عورت طور پهرين گورنر جي حيثيت سان تاريخي مقرري ٿي. هن چيو ته ڊاڪٽر شمشاد اختر جي قيادت نه فقط تبديلي آڻيندڙ هئي پر بصيرت افروز به هئي. هن اداره جاتي سڌارن کي اڳتي وڌايو ۽ اثرائتو ڪيو. هن مرڪزي بينڪ جي خودمختياري، مينيجمينٽ ۽ پاليسي فريم ورڪ کي مضبوط بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.گورنر اسٽيٽ بينڪ جميل احمد وڌيڪ چيو ته ڊاڪٽر شمشاد اختر اسٽيٽ بينڪ جي پهرين اسٽريٽجڪ پلان سال 2005ع کان 2010ع تي عمل دوران پنهنجي اڳواڻي وارين صلاحيتن کي مڃرايو جنهن سان مرڪزي بينڪ کي جديد بنائڻ ۾ مدد ملي، ضوابطي (ريگوليٽري) صلاحيتن ۾ اضافو ٿيو، خطري جي نگراني مضبوط ٿي ۽ اسٽيٽ بينڪ بهترين عالمي روايتن سان هڪجهڙائي ماڻي. سندس دور ۾ جديد مرڪزي بينڪاري جي ڏس ۾ فيصلائتا قدم کنيا ويا. ڊاڪٽر شمشاد اختر جي ڀيڻ نوشابه رحمان، اسٽيٽ بينڪ جي اڳوڻن گورنرن ڊاڪٽر عشرت حسين، سيد سليم رضا، ياسين انور، ڊاڪٽر رضا باقر ۽ ٻين پڻ مرحومه کي خراج عقيدت پيش ڪيو.

مزید خبریں