بلوچستان جي وڏي وزير پاران اسلام آباد جي ڌماڪي جي مذمت

اسلام آباد-06 فيبروري (اي پي پي) بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي ملڪ جي گاديءَ واري هنڌ اسلام آباد جي علائقي ترلائي ۾ ٿيل ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي قيمتي انساني حياتين جي نقصان تي گهري ڏُک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي مذمتي بيان ۾ هن چيو ته جمعي نماز دوران معصوم نمازين کي نشانو بڻائڻ بدترين دهشتگردي ۽ انسانيت خلاف سنگين ڏوهه آهي جنهن …

اسلام آباد-06 فيبروري (اي پي پي) بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي ملڪ جي گاديءَ واري هنڌ اسلام آباد جي علائقي ترلائي ۾ ٿيل ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي قيمتي انساني حياتين جي نقصان تي گهري ڏُک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي مذمتي بيان ۾ هن چيو ته جمعي نماز دوران معصوم نمازين کي نشانو بڻائڻ بدترين دهشتگردي ۽ انسانيت خلاف سنگين ڏوهه آهي جنهن جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي. هن چيو ته اهڙا بزدلاڻي حملا ملڪ ۾ خوف ۽ هراس ڦهلائڻ جي ناڪام ڪوشش آهي. مير سرفراز بگٽي شهيدن جي وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪريان ٿو ۽ زخمين جي جلد صحتيابيءَ لاءِ دُعاگو آهيان. هن چيو ته دهشتگردي جا اهڙا واقعا قوم جا حوصلا خطا نٿا ڪري سگهن، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان سڀ متحد ٿي امن، برداشت ۽ استحڪام لاءِ بيهون ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪريون. هن چيو ته هن خاطري ڪرائي ته اهڙين ڌُرين کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو.

مزید خبریں