وفاقي وزير ڄام ڪمال خان پاران اسلام آباد ۾ ٿيل آپگهات حملي جي مذمت

اسلام آباد-06 فيبروري (اي پي پي) واپار وفاقي وزير ڄام ڪمال خان اسلام آباد جي علائقي ترلائي ويجهو امام بارگاهه ۾ آپگهات حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته هي واقعو انتهائي مذمت ۽ افسوسناڪ آهي. معصوم شهرين کي نشانو بنائڻ انسانيت جا دشمن آهن. پنهنجي جاري مذمتي بيان ۾ هن چيو ته پوري قوم فتنه الخوارج خلاف متحد آهي ۽ سيڪيورٽي ادارن سان گڏ بيٺل آهي. ڄام ڪمال چيو …

اسلام آباد-06 فيبروري (اي پي پي) واپار وفاقي وزير ڄام ڪمال خان اسلام آباد جي علائقي ترلائي ويجهو امام بارگاهه ۾ آپگهات حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته هي واقعو انتهائي مذمت ۽ افسوسناڪ آهي. معصوم شهرين کي نشانو بنائڻ انسانيت جا دشمن آهن. پنهنجي جاري مذمتي بيان ۾ هن چيو ته پوري قوم فتنه الخوارج خلاف متحد آهي ۽ سيڪيورٽي ادارن سان گڏ بيٺل آهي. ڄام ڪمال چيو ته قيمتي انساني جانين جي نقصان تي گهري ڏُک ۽ افسوس جو اظهار ڪريان ٿو. زخمين جي جلد صحتيابيءَ لاءِ دعاگو آهيان، دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ پوري قوم مڪمل يڪجهتي ۽ عزم سان متحد آهي.

مزید خبریں