اسلام آباد-06 فيبروري(اي پي پي)اسلام آباد جي علائقي ترلائي ويجهو آپگهاتي ڌماڪي کان پوءِ صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال جي هدايت تي وفاق جي انتظام هيٺ سمورين سرڪاري اسپتالن ۾ فوري طور تي ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي آهي. صحت وزارت طرفان جاري بيان موجب اسپتال ۾ دوائن، طبي اوزارن ۽ ٻين ضروري انتظامن جي دستيابي هر صورت ۾ يقيني بڻائي پئي وڃي. هن چيو ته ڊاڪٽرز، نرسز ۽ …
وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال جي هدايت تي وفاق جي انتظام هيٺ سمورين سرڪاري اسپتالن ۾ فوري طور تي ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي

مزید خبریں
اسلام آباد-06 فيبروري(اي پي پي)اسلام آباد جي علائقي ترلائي ويجهو آپگهاتي ڌماڪي کان پوءِ صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال جي هدايت تي وفاق جي انتظام هيٺ سمورين سرڪاري اسپتالن ۾ فوري طور تي ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي آهي. صحت وزارت طرفان جاري بيان موجب اسپتال ۾ دوائن، طبي اوزارن ۽ ٻين ضروري انتظامن جي دستيابي هر صورت ۾ يقيني بڻائي پئي وڃي. هن چيو ته ڊاڪٽرز، نرسز ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جون موڪلون رد ڪيون ويون آهن ته جيئن زخمين کي وقت سر ۽ معياري طبي سهولتون فراهم ڪري سگهجن. هن ٻُڌيو ته پمز اسپتال ۽ پولي ڪلينڪ اسپتالن سميت وفاقي اسپتالن ۾ ايمرجنسي سروسز مڪمل طور تي فعال ڪئي وئي آهي جڏهن ته حڪومت زخمين جي علاج لاءِ سمورا دستياب وسيلا ڪتب آڻي رهي آهي. وفاقي وزير آپگهات ڌماڪي کي مذمت جوڳو ۽ افسوسناڪ قرار ڏيندي چيو ته معصوم شهرين کي نشانو بنائڻ وارا انسانيت جا دشمن آهن.











