جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان پاران اسلام آباد ۾ ٿيل ڌماڪي جي مذمت

اسلام آباد-06 فيبروري (اي پي پي) جميعت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان اسلام آباد ۾ ٿيل افسوسناڪ ڌماڪي جي مذمت ڪئي آهي. جي يو آءِ جي مرڪزي ميڊيا سيل طرفان جاري بيان موجب مولانا فضل الرحمان چيو ته حملي آور انسانيت جا دشمن ۽ ڪنهن به رعايت جا حقدار ناهن، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان کان پوءِ هاڻ اسلام آباد ۾ به مسلسل دهشتگرد ڪارروايون ٿي رهيون …

اسلام آباد-06 فيبروري (اي پي پي) جميعت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان اسلام آباد ۾ ٿيل افسوسناڪ ڌماڪي جي مذمت ڪئي آهي. جي يو آءِ جي مرڪزي ميڊيا سيل طرفان جاري بيان موجب مولانا فضل الرحمان چيو ته حملي آور انسانيت جا دشمن ۽ ڪنهن به رعايت جا حقدار ناهن، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان کان پوءِ هاڻ اسلام آباد ۾ به مسلسل دهشتگرد ڪارروايون ٿي رهيون آهن. هن چيو ته دهشتگردن جو ڪو مذهب ناهي هوندو. هن، ڌماڪي ۾ شهيد ٿيلن جي درجن جي بلندي ۽ زخمين جي جلد صحتيابيءَ لاءِ دُعا ڪئي ۽ وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته متاثرن جي ڏُک ۾ برابر جو شريڪ آهيان.

مزید خبریں