اسلام آباد-06 فيبروري (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي ڊپٽي اسپيڪر سان گذريل ڏينهن سلطنتِ عمان جي پارلياماني وفد جي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻه طرفن ناتن، پارلياماني سهڪار ۽ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب ان موقعي تي ڊپٽي اسپيڪر جو چوڻ هو ته پاڪستان ۽ عمان ويجها ڀائر اسلامي ملڪ آهن، پاڪستان عمان سان ڀائراڻن ناتن کي قدر جي …
قومي اسيمبليءَ جي ڊپٽي اسپيڪر سان سلطنتِ عمان جي پارلياماني وفد جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-06 فيبروري (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي ڊپٽي اسپيڪر سان گذريل ڏينهن سلطنتِ عمان جي پارلياماني وفد جي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻه طرفن ناتن، پارلياماني سهڪار ۽ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب ان موقعي تي ڊپٽي اسپيڪر جو چوڻ هو ته پاڪستان ۽ عمان ويجها ڀائر اسلامي ملڪ آهن، پاڪستان عمان سان ڀائراڻن ناتن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، عمان ۾ رهندڙ پاڪستاني ڪميونٽي جي بهترين ميزبانيءَ تي پاڪستان عمان جو ٿورو مڃيو. هن چيو ته پارلياماني سهڪار سان پاڪستان ۽ عمان جي ٻه طرفه ناتا وڌيڪ مضبوط ٿيندا، ٻنهي ملڪن جا گڏيل مفاد خطي ۾ امن ۽ استحڪامت جي ضمانت آهن. عمان جي پارلياماني وفد جي ميمبرن جو چوڻ هو ته پاڪستان اسان لاءِ انتهائي محترم ۽ ويجهو ملڪ آهي، ٻنهي ملڪن جا ناتا تاريخي، مذهبي ۽ گڏيل اعتماد تي ٻَڌل آهن، عمان ۾ رهندڙ پاڪستاني عمان جي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. ملاقات ۾ واپار، سيڙپڪاري، افرادي سگهه ۽ پارلياماني رابطن کي هٿي وٺرائڻ تي اتفاق ڪيو ويو.











