سينيٽ جي وقتي چيئرمين پاران ترلائي آپگهات ڌماڪي جي مذمت

اسلام آباد-06 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ جي وقتي چيئرمين سيدال خان اسلام آباد جي علائقي ترلائي ۾ امام بارگاهه ويجهو ٿيل آپگهات ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي قيمتي انساني جانين جي نقصان تي گهري ڏُک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سندس چوڻ هو ته اها دهشتگردي دنيا جي ڪنهن به حصي سان تعلق رکندي هجي پاڪستان رياست ان کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪندي، …

اسلام آباد-06 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ جي وقتي چيئرمين سيدال خان اسلام آباد جي علائقي ترلائي ۾ امام بارگاهه ويجهو ٿيل آپگهات ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي قيمتي انساني جانين جي نقصان تي گهري ڏُک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سندس چوڻ هو ته اها دهشتگردي دنيا جي ڪنهن به حصي سان تعلق رکندي هجي پاڪستان رياست ان کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪندي، اهي ڌُرين انسانيت جا کُليل دشمن آهن ۽ سندن واحد مقصد ملڪ ۾ خوف هراس ڦهلائڻ آهي. هن چيو ته انهي عزم تحت پاڪستان جي هٿياربند فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا بلوچستان سميت مختلف علائقن ۾ دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ لاءِ ڀرپور ۽ اثرائتو آپريشنز ڪري رهيا اهن جن ۾ نمايان ڪاميابيون حاصل ٿي رهيون آهن. وقتي چيئرمين شهيدن جي وارثن سان دلي تعزيت ۽ زخمين جي جلد صحتيابيءَ لاءِ دُعا ڪئي.

مزید خبریں