وفاقي وزير انجنيئر امير مقام پاران اسلام آباد ۾ ٿيل ڌماڪي جي مذمت

اسلام آباد-06 فيبروري (اي پي پي)ڪشمير معاملن ۽ گلگت بلتستان واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام اسلام آباد جي علائقي ترلائيءَ ۾ امام بارگاهه ۾ آپگهات ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ ڪندي معصوم نمازين جي شهادت تي گهري ڏُک جو اظهار ڪيو آهي. ڪالهه جاري بيان ۾ هن زخمين سان دلي همدردي ۽ سندن جلد صحتيابيءَ لاءِ دُعا ڪندي چيو ته پوري قوم ۽ رياستي ادارا دهشتگرديءَ خلاف هڪ صف …

اسلام آباد-06 فيبروري (اي پي پي)ڪشمير معاملن ۽ گلگت بلتستان واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام اسلام آباد جي علائقي ترلائيءَ ۾ امام بارگاهه ۾ آپگهات ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ ڪندي معصوم نمازين جي شهادت تي گهري ڏُک جو اظهار ڪيو آهي. ڪالهه جاري بيان ۾ هن زخمين سان دلي همدردي ۽ سندن جلد صحتيابيءَ لاءِ دُعا ڪندي چيو ته پوري قوم ۽ رياستي ادارا دهشتگرديءَ خلاف هڪ صف تي آهن. انجنيئر امير مقام شهيدن جي وارثن سان دلي تعزيت ڪئي.

مزید خبریں