وفاقي وزير سردار محمد يوسف پاران اسلام آباد ويجهو ٿيل ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت

اسلام آباد-06 فيبروري (اي پي پي)مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف اسلام آباد جي علائقي ترلائي ۾ امام بارگاهه ۾ ٿيل بم ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته امام بارگاهه ۾ دهشتگرديءَ جي ناپاڪ ڪارراوئي فرقيواراڻي هم آهنگيءَ جي فضا کي نقصان پهچائي شهر جو امن تباهه ڪرڻ جي ڪِريل حرڪت جو حصو آهي. پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير بم ڌماڪي ۾ ٿيل جاني …

اسلام آباد-06 فيبروري (اي پي پي)مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف اسلام آباد جي علائقي ترلائي ۾ امام بارگاهه ۾ ٿيل بم ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته امام بارگاهه ۾ دهشتگرديءَ جي ناپاڪ ڪارراوئي فرقيواراڻي هم آهنگيءَ جي فضا کي نقصان پهچائي شهر جو امن تباهه ڪرڻ جي ڪِريل حرڪت جو حصو آهي. پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير بم ڌماڪي ۾ ٿيل جاني نقصان تي گهري ڏُک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. هن عالمن ۽ عوام کي اپيل ڪئي ته اهي دهشتگرديءَ جي واقعن تي صبر سان ڪم وٺن. وفاقي وزير ڌماڪي ۾ شهيد ٿيلن جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو.

مزید خبریں