قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر پاران راولپنڊيءَ ويجهو آپگهات حملي جي مذمت

اسلام آباد-06 فيبروري (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق فتنه الهندستان سان تعلق رکندڙ آپگهاتي حملي آوار طرفان راولپنڊيءَ ويجهو امام بارگاهه ۾ خودڪش حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي ان ۾ قيمتي جاني نقصان تي گهري ڏُک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ڪالهه پنهنجي مذمتي بيان ۾ هن شهيد جي پونئيرن سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو ۽ـ چيو ته ڌماڪي …

اسلام آباد-06 فيبروري (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق فتنه الهندستان سان تعلق رکندڙ آپگهاتي حملي آوار طرفان راولپنڊيءَ ويجهو امام بارگاهه ۾ خودڪش حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي ان ۾ قيمتي جاني نقصان تي گهري ڏُک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ڪالهه پنهنجي مذمتي بيان ۾ هن شهيد جي پونئيرن سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو ۽ـ چيو ته ڌماڪي ۾ شهيد ٿيل ماڻهن جي وارثن جي غم ۽ ڏُک ۾ برابر جو شريڪ آهيان، بي گناهه ۽ معصوم نمازين تي دهشتگرداڻو حملو بزدلاڻو فعل آهي، جنهن جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي. فتنه الهندستان جي دهشتگردن جي بزدلاڻيون ڪارروايون دهشتگرديءَ خلاف سيڪيوريٽي فورسز ۽ قوم جي عزم کي ڪمزور نٿيون ڪري سگهن. اسپيڪر الله تعاليٰ کان ڌماڪي ۾ زخمي ٿيل ماڻهن جي جلد صحتيابي ۽ شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ وارثن لاءِ صبر جي دُعا ڪئي.

مزید خبریں