اسلام آباد-06 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني اسلام آباد جي علائقي ترلائي ۾ امام بارگاهه جي گيٽ ويجهو ٿيل ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي ان افسوسناڪ واقعي ۾ معصوم ۽ هٿين خالي نمازين جي شهادت تي گهري ڏُک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ طرفان جاري بيان موجب هن ڌماڪي جي نتيجي ۾ زخمي ٿيل ماڻهن سان دلي همدردي ۽ …
سينيٽ چيئرمين پاران اسلام آباد جي علائقي ترلائي ۾ آپگهاتي حملي جي مذمت

مزید خبریں
اسلام آباد-06 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني اسلام آباد جي علائقي ترلائي ۾ امام بارگاهه جي گيٽ ويجهو ٿيل ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي ان افسوسناڪ واقعي ۾ معصوم ۽ هٿين خالي نمازين جي شهادت تي گهري ڏُک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ طرفان جاري بيان موجب هن ڌماڪي جي نتيجي ۾ زخمي ٿيل ماڻهن سان دلي همدردي ۽ مڪمل يڪجهتيءَ جو اظهار ڪندي سندن صحتيابيءَ لاءِ دُعا ڪئي. سينيٽ چيئرمين چيو ته عبادگاهن کي نشانو بنائڻ انسانيت، مذهبي قدرن ۽ قومي هم آهنگي تي سڌيءَ ريت حملو آهي جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو. هن واضح ڪيو ته اهڙين بزدلاڻا ۽ وحشياڻا قدم قوم جي حوصلي ۽ عزم کي ڪمزور نٿا ڪري سگهن پر اهڙن واقعن سان قوم کي وڌيڪ متحد ۽ پُرعزم بڻائين ٿا. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته دهشتگردن جو ڪو مذهب، قوم يا ملڪ سان ڪو تعلق ناهي هوندو، اهي ڌُريون اصل ۾ انسانيت جا دشمن آهن جيڪي ملڪ جي ترقي، خوشحالي ۽ امن کي نقصان پهچائڻ چاهين ٿيون. هن زور ڀريو ته دهشتگرد پنهنجي ناپاڪ مقصدن ۾ ڪڏهن به ڪامياب نٿا ٿي سگهن ڇاڪاڻ ته پوري قوم ۽ رياستي ادارا دهشتگرديءَ خلاف هڪ صف تي آهن. هن وڌيڪ چيو ته دهشتگرديءَ جي مڪمل خاتمي لاءِ پاڪستان جي هٿياربند فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا مختلف علائقن ۾ اثرائتيون ۽ ڪامياب ڪارروايون جاري رکندا پيا اچن ۽ قوم کي پنهنجي سيڪيورٽي فورسز جي قربانين تي فخر آهي. سيد يوسف رضا گيلاني شهيدن جي وارثن سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪندي چيو ته ان ڏُک جي گهڙيءَ ۾ پوري قوم شهيدن جي ڪٽنبن جي غم ۾ برابر جي شريڪ آهي.











