وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري پاران اسلام آباد جي علائقي ترلائي ۾ ٿيل ڌماڪي جي مذمت

اسلام آباد-06 فيبروري (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر فضل چوڌري ملڪ جي گاديءَ واري هنڌ اسلام آباد جي علائقي ترلائي ۾ ٿيل ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي قيمتي انساني حياتين جي نقصان تي گهري ڏُک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي مذمتي بيان ۾ هن چيو ته ترلائي ۾ ٿيل افسوسناڪ ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريان ٿو، ان بزدلاڻي ڪارروائيءَ ۾ …

اسلام آباد-06 فيبروري (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر فضل چوڌري ملڪ جي گاديءَ واري هنڌ اسلام آباد جي علائقي ترلائي ۾ ٿيل ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي قيمتي انساني حياتين جي نقصان تي گهري ڏُک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي مذمتي بيان ۾ هن چيو ته ترلائي ۾ ٿيل افسوسناڪ ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريان ٿو، ان بزدلاڻي ڪارروائيءَ ۾ قيمتي جانين جي نقصان تي دل ڏکويل آهي، شهيدن جي وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪريان ٿو ۽ زخمين جي جلد صحتيابيءَ لاءِ دُعاگو آهيان. هن چيو ته دهشتگردي جا اهڙا واقعا قوم جا حوصلا خطا نٿا ڪري سگهن، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان سڀ متحد ٿي امن، برداشت ۽ استحڪام لاءِ بيهون ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪريون. هن چيو ته الله تعاليٰ اسان جي وطن کي هر قسم جي شرپسندي ۽ دهشتگرديءَ کان محفوظ رکي.

مزید خبریں