راولپنڊي – 6 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري وفاقي گادي واري شهر جي علائقي ترلائي ۾ ٿيندڙ ڌماڪي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي قيمتي انساني جانين جي زيان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي مذمتي بيان ۾ بئريسٽر دانيال چوڌري چيو ته ترلائي ۾ ٿيندڙ ڌماڪو هڪ افسوسناڪ ۽ بزدلاڻي ڪارروائي آهي جنهن ۾ معصوم ۽ …
اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري پاران اسلام آباد ۾ ٿيندڙ ڌماڪي جي مذمت

مزید خبریں
راولپنڊي – 6 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري وفاقي گادي واري شهر جي علائقي ترلائي ۾ ٿيندڙ ڌماڪي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي قيمتي انساني جانين جي زيان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي مذمتي بيان ۾ بئريسٽر دانيال چوڌري چيو ته ترلائي ۾ ٿيندڙ ڌماڪو هڪ افسوسناڪ ۽ بزدلاڻي ڪارروائي آهي جنهن ۾ معصوم ۽ بيگناهه ماڻهن کي نشانو بڻايو ويو. هن چيو ته ان افسوسناڪ واقعي ۾ قيمتي جانين جي زيان تي دل انتهائي ڏکويل آهي، شهيدن جي پونئيرن سان دلي همدرديءَ ۽ تعزيت جو اظهار ڪريان ٿو جڏهن ته زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعاڳو آهيان. هن چيو ته دهشتگردي جا اهڙا واقعا قوم جا حوصلا ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن. وقت جي گهرج آهي ته اسان سڀ متحد ٿي امن، برداشت ۽ استحڪام جي لاءِ گڏ بيهون ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪريون. هن چيو ته الله تعاليٰ اسان جي ملڪ کي هر قسم جي شرپسندي ۽ دهشتگردي کان محفوظ رکي. وفاقي پارلياماني سيڪريٽري چيو ته بيگناهه ۽ معصوم نمازين تي دهشتگرد حملو هڪ کليل بزدلاڻو فعل آهي جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي، دهشتگرد انسانيت جا دشمن آهن ۽ انهن جو ڪنهن مذهب ڪو تعلق نه آهي. هن واضح ڪيو ته فتنه الهندستان سان تعلق رکندڙ دهشتگرد پنهنجي ناپاڪ ارادن ۾ ڪڏهن ڪامياب نه ٿيندا. بئريسٽر دانيال چوڌري چيو ته فتنه الهندستان جي دهشتگردن جون بزدلاڻيون ڪارروايون دهشتگردي جي خلاف سيڪيورٽي فورسز ۽ پوري قوم جي عزم کي ڪمزور نه ٿيون ڪري سگهن. هن ڌماڪي ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي، شهيدن جي درجن جي بلنديءَ ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جميل جي دعا پڻ ڪئي.











