اسلام آباد ۾ امام بارگاهه ۾ ڌماڪو 31 ڄڻا شهيد، 169 زخمي، سڄي شهر ۾ ايمرجنسي لاڳو

اسلام آباد-06 فيبروري (اي پي پي) ملڪ جي گاديءَ واري شهر اسلام آباد جي علائقي ترلائي ۾ واقع امام بارگاهه خديجة الڪبريٰ ۾ جمعي جي نماز دوران ٿيل خوفناڪ ڌماڪي جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 31 ڄڻا شهيد، جڏهن ته 169 زخمي ٿي پيا. واقعي کانپوءِ گاديءَ واري هنڌ اسلام آباد ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي. سرڪاري ذريعن موجب شهيد ٿيلن ۽ زخمي ماڻهن کي فوري طور تي …

اسلام آباد-06 فيبروري (اي پي پي) ملڪ جي گاديءَ واري شهر اسلام آباد جي علائقي ترلائي ۾ واقع امام بارگاهه خديجة الڪبريٰ ۾ جمعي جي نماز دوران ٿيل خوفناڪ ڌماڪي جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 31 ڄڻا شهيد، جڏهن ته 169 زخمي ٿي پيا. واقعي کانپوءِ گاديءَ واري هنڌ اسلام آباد ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي. سرڪاري ذريعن موجب شهيد ٿيلن ۽ زخمي ماڻهن کي فوري طور تي پمز، پولي ڪلينڪ اسپتال، راول اسپتال، نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ ۽ ايڇ بي ايس اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي زخمين کي طبي امداد فراهم ڪرڻ لاءِ هنگامي قدم کنيا پيا وڃن. عملدارن جو چوڻ آهي ته سمورين وڏين اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڊاڪٽرن، پيرا ميڊيڪل اسٽاف ۽ انتظاميه کي هاءِ الرٽ ڪيو ويو آهي. سينيئر هيلٿ آفيسر علاج ۽ امدادي سرگرمين جي نگراني ڪري رهيا آهن. شروعاتي اطلاعن موجب ڌماڪي کي مبينه آپگهاتي حملو قرار ڏنو پيو وڃي جڏهن ته واقعي جي نوعيت ۽ حالتون ڄاڻڻ لاءِ جاچ جاري آهي. ڌماڪي جي جڳهه کي مڪمل طور تي سيل ڪيو ويو آهي ۽ سيڪيورٽي فورسز چئني پاسن جي علائقن ۾ سرچ ۽ ڪليئرنس آپريشن شروع ڪري ڪري ڇڏيو آهي. ايس ايس پي آپريشنز قاضي علي رضا واقعي واري هنڌ تي موجود آهي ۽ سيڪيورٽي انتظامن سميت جاچ ڪري رهيو آهي. واقعي کان پوءِ آءِ جي اسلام آباد سيد علي ناصر رضوي شهر ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪندي سموري پوليس فارميشنز کي هاءِ الرٽ رهڻ جي هدايت جاري ڪئي آهي ته جيئن ڪنهن به وڌيڪ اڻوڻندڙ واقعي کان بچي سگهجي. عملدارن تصديق ڪئي آهي ته شهيد ٿيلن ۾ آءِ جي اسلام آباد جو سؤٽ به شامل آهي جنهن سبب پوليس فورس سخت ڏُک ۽ غم جو شڪار آهي. پوليس عملدارن حملي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته شهرين جي تحفظ ۽ امن امان برقرار رکڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا پيا وڃن.

مزید خبریں