اسلام آباد-06 فيبروري (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي چيو آهي ته حڪومت پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي پنهنجي تهذيب ۽ ثقافت سان روشناس ڪرائڻ لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي ۽ ان مقصد لاءِ برطانيه ۽ يورپ سميت مختلف ملڪن ۾ ثقافتي وفدن کي موڪلڻ تي غور ڪيو پيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ڄائي برطانوي سياستدان، البا پارٽي جي …
حڪومت پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستانين کي پنهنجي تهذيب ۽ ثقافت سان روشناس ڪرائڻ لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي: وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي

مزید خبریں
اسلام آباد-06 فيبروري (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي چيو آهي ته حڪومت پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي پنهنجي تهذيب ۽ ثقافت سان روشناس ڪرائڻ لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي ۽ ان مقصد لاءِ برطانيه ۽ يورپ سميت مختلف ملڪن ۾ ثقافتي وفدن کي موڪلڻ تي غور ڪيو پيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ڄائي برطانوي سياستدان، البا پارٽي جي چيئرمين ۽ پارليامينٽ جي اڳوڻي ميمبر تسمينه احمد شيخ سان ملاقات ۾ ڪيو. ملاقات ۾ پاڪ- برطانيه ثقافتي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ، پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي پنهنجي ثقافتي ورثي سان جوڙڻ ۽ جديد ذريعن جي استعمال جهڙي اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي وفاقي وزير، تسمينه احمد شيخ کي ڀليڪار چوندي چيو ته برطانيه ۾ رهندڙ پاڪستاني ڪميونٽي جي نئين نسل کي پنهنجي تهذيب ۽ ثقافت سان جوڙڻ وقت جي اهم ضرورت بڻجي چڪو آهي، ڇاڪاڻ ته پرڏيهه ۾ نئين نسل پنهنجي ثقافتي سُڃاڻپ ۽ تاريخي ورثي سان آگاهيءَ جا خواهشمند آهن. هن چيو ته تسمينه احمد شيخ جي پاڪستان ۽ پاڪستاني عوام لاءِ هاڪاري سوچ واکاڻ جوڳي آهي. هن چيو ته سندس وزارت ۾ عورتن کي اهم ذميداريون سونپيون ويون آهن جيڪي ثقافت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ اثرائتو ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. هن خاطري ڪرائي ته وزارت برطانيه ۽ يورپ ۾ رهندڙ پاڪستانين کي پنهنجي ثقافت ۽ فنون کان روشناس ڪرائڻ لاءِ قدم جاري رکندي. ملاقات دوران تسمينه احمد چيو ته برطانيه ۾ رهندڙ پاڪستانين، خاص ڪري نئين نسل کي پنهنجن ابن ڏاڏن جي ملڪ پاڪستان جي تهذيب ۽ ثقافت سان روشناس ڪرائڻ لاءِ عملي ڪم جي ضرورت آهي. هن چيو ته نوجوان نسل کي آرٽ ۽ ثقافت ذريعي پنهنجي تهذيب سان جوڙي سگهجي ٿو جڏهن ته مسلمان عيوض نئين نسل وچ ۾ روحاني تعلق به موجود آهي جنهن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت آهي. هن مصنوعي ذهانت جي اهميت تي زور ڀريندي تجويز ڏني ته قومي ثقافت ۽ ورثي جي تحفظ ۾ اي آءِ جي اثرائتي استعمال جي امڪانن جو جائزو ورتو وڃي. تسمينه احمد شيخ چيو ته پاڪستان ۽ برطانيه وچ ۾ تعليم سان گڏوگڏ ثقافتي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ جا وسيع موقعا موجود اهن ڇاڪاڻ ته برطانيه ۾ پاڪستاني برادري جو وڏو انگ آباد آهي. هن چيو ته پاڪستان جي ثقافت عالمي سطح تي نمايان اهميت رکي ٿي، جيتوڻيڪ سندس والد جو تعلق پاڪستان سان آهي، ان لاءِ سندس پاڪستان سان گهرو جذباتي تعلق آهي ۽ هو ملڪ لاءِ هاڪاري ڪردار ادا ڪرڻ چاهي ٿي. ان موقعي تي ثقافت بابت پارلياماني سيڪريٽري فرح ناز اڪبر به موجود هئي.











