ملڪ ۾ ڪچي تيل ۽ گيس جي پيداوار ۾ هفتيوار بنيادن تي گهٽتائي رڪارڊ

اسلام آباد-06 فيبروري (اي پي پي) ملڪ ۾ خام تيل ۽ گيس جي پيداوار ۾ هفتيوار بنيادن تي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي. پي پي آءِ ايس ۽ انڊسٽري جي انگن اکرن موجب 31 جنوري تي ختم ٿيل هفتي ۾ ملڪ ۾ خام تيل جي سراسر ڏهاڙي پيداوار 66690 بيرل رڪارڊ ڪئي وئي، جيڪا گذريل هفتي ۾ 0.2 سيڪڙو گهٽ آهي. گذريل هفتي ۾ ملڪ ۾ خام تيل جي سراسري ڏهاڙي …

اسلام آباد-06 فيبروري (اي پي پي) ملڪ ۾ خام تيل ۽ گيس جي پيداوار ۾ هفتيوار بنيادن تي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي. پي پي آءِ ايس ۽ انڊسٽري جي انگن اکرن موجب 31 جنوري تي ختم ٿيل هفتي ۾ ملڪ ۾ خام تيل جي سراسر ڏهاڙي پيداوار 66690 بيرل رڪارڊ ڪئي وئي، جيڪا گذريل هفتي ۾ 0.2 سيڪڙو گهٽ آهي. گذريل هفتي ۾ ملڪ ۾ خام تيل جي سراسري ڏهاڙي پيداوار 67066 بيرل رڪارڊ ڪئي وئي هئي. اهڙيءَ طرح 31 جنوريءَ تي ختم ٿيل هفتي ۾ ملڪ ۾ گيس جي سراسر ڏهاڙي پيداوار 3035 ايم ايم سي ايف ڊي رڪارڊ ڪئي وئي جيڪا گذريل هفتي جي ڀيٽ ۾ 5.1 سيڪڙو گهٽ آهي. گذريل هفتي ۾ ملڪ ۾ گيس جي سراسر ڏهاڙي پيداوار 3197 ايم ايم سي ايف ڊي رڪارڊ ڪئي وئي هئي. انگن اکرن موجب گذريل هفتي دوران او جي ڊي سي ايل جي خام تيل جي سراسر ڏهاڙي پيداوار 34411 بيرل، پي پي ايل 10916 بيرل، ماڙي گيس 1379 بيرل ۽ پي او ايل جي خام تيل جي سراسر ڏهاڙي پيداوار 4438 بيرل رڪارڊ ڪئي وئي. اهڙيءَ طرح 31 جنوريءَ تي ختم ٿيل هفتي ۾ او جي ڊي سي ايل جي گيس جي سراسر ڏهاڙي پيداوار 652 ايم ايم سي ايف ڊي، پي پي ايل 560 ايم ايم سي ايف ڊي، پي او ايل 68 ايم ايم سي ايف ڊي ۽ ماڙي گيس جي سراسر ڏهاڙي پيداوار 947 ايم ايم سي ايف ڊي رڪارڊ ڪئي وئي.

مزید خبریں