اسلام آباد-06 فيبروري (اي پي پي) غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وفاقي وزير سيد عمران احمد شاهه چيو آهي ته پاڪستان ۽ ورلڊ فوڊ پروگرام ٻارن جي غذائيت ۽ فلاح بابت اهم پروگرامز کي هڪ ئي نظام تحت هلائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن جو مقصد غربت ۽ خوراڪ جي کوٽ جهڙن مسئلن کي بهتر ۽ اثرائتي طريقي سان مُنهن ڏيڻ آهي. اهو فيصلو وفاقي وزير ۽ عالمي …
پاڪستان ۽ ورلڊ فوڊ پروگرام ٻارن جي غذائيت ۽ فلاح بابت اهم پروگرامز کي هڪ ئي نظام تحت هلائڻ جو فيصلو ڪيو آهي: وفاقي وزير سيد عمران احمد شاهه

مزید خبریں
اسلام آباد-06 فيبروري (اي پي پي) غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وفاقي وزير سيد عمران احمد شاهه چيو آهي ته پاڪستان ۽ ورلڊ فوڊ پروگرام ٻارن جي غذائيت ۽ فلاح بابت اهم پروگرامز کي هڪ ئي نظام تحت هلائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن جو مقصد غربت ۽ خوراڪ جي کوٽ جهڙن مسئلن کي بهتر ۽ اثرائتي طريقي سان مُنهن ڏيڻ آهي. اهو فيصلو وفاقي وزير ۽ عالمي خوراڪ پروگرام جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ڪوڪو اوشي پاما وچ ۾ ملاقات دوران ڪيو ويو. سيد عمران احمد شاهه ان گڏيل نظام تحت حڪومت جي نشوونما غذائي پروگرام کي پاڪستان بيت المال تحت هلندڙ اسڪولز فار ري هيبيليٽيشن آف چائلڊ ليبر (ايس آر سي ايل) ۽ وومن امپاورمينٽ سينٽرز (WeCs) سان جوڙيو ويندو. ان قدمن جو مقصد هي اهي ته ٻارن ۽ عورتن کي ملندڙ خوراڪ، تعليم ۽ مالي ۽ سماجي مدد هڪ وقت ۽ بهتر انداز ۾ مستحق ماڻهن تائين پهچي سگهي. ملاقات ۾ ان ڳالهه تي به ڳالهه ٻولهه ٿي ته پاڪستان جا اهي پروگرام عالمي سطح تي گلوبل الائنس آن هنگر اينڊ پاورٽي سان هم آهنگ هجن ته جيئن ملڪي قدم عالمي معيار موجب هجن. ان کان علاوه ٻارن کي خوراڪ فراهم ڪندڙن قدمن جن ۾ اسڪول ميلز پروگرام شامل آهن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. انهن پروگرامز کي ٻارن جي صحت بهتر بنائڻ ۽ اسڪولن ۾ حاضري وڌائڻ لاءِ اهم قرار ڏنو ويو آهي. ملاقات ۾ خوراڪ جي تحفظ کي درپيش موسمياتي تبديلين جي مسئلن تي به ڳالهه ٻولهه ٿي خاص طور تي ٻوڏ جي وڌندڙ خطرن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي ۽ اين ڊي ايم اي سان گڏجي بهتر تياري ۽ وقت سر قدمن کڻڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ويو. ملاقات جي پڄاڻيءَ تي ٻنهي ڌُرين ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته سماجي تحفظ ۽ غذائي جي سهولتن کي آسان، منظم ۽ اثرائتي طريقي سان مستحق خاندانن ۽ ٻارن تائين پهچايو ويندو ته جيئن کين حقيقي فائدو پهچي سگهي.











