اسلام آباد – 6 فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان ازبڪستان سان پنهنجي ويجهن ۽ ڀائراڻي لاڳاپن کي غيرمعمولي اهميت ڏي ٿو ۽ ان حصيداري کي فطري ۽ پائيدار لاڳاپن جي طور تي ڏسي ٿو جنهن جون پاڙون گڏيل تاريخ، ثقافت ۽ عقيدي سان واڳيل آهن، پاڪستان ازبڪستان سان رابطن، واپار ۽ عوامي سطح تي رابطن جي شعبن ۾ ويجهي تعاون جي ذريعي ٻطرفي …
پاڪستان ازبڪستان سان پنهنجي ويجهن ۽ ڀائراڻن لاڳاپن کي غيرمعمولي اهميت ڏي ٿو: صدر آصف علي زرداري

مزید خبریں
اسلام آباد – 6 فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان ازبڪستان سان پنهنجي ويجهن ۽ ڀائراڻي لاڳاپن کي غيرمعمولي اهميت ڏي ٿو ۽ ان حصيداري کي فطري ۽ پائيدار لاڳاپن جي طور تي ڏسي ٿو جنهن جون پاڙون گڏيل تاريخ، ثقافت ۽ عقيدي سان واڳيل آهن، پاڪستان ازبڪستان سان رابطن، واپار ۽ عوامي سطح تي رابطن جي شعبن ۾ ويجهي تعاون جي ذريعي ٻطرفي لاڳاپن کي نئين بلندين تائين وٺي وڃڻ جي لاءِ پرعزم آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب صدر آصف علي زرداري اهڙن خيالن جو اظهار جمهوريه ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزائيوف سان ايوان صدر ۾ ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. صدر شوڪت مرزائيوف جي آجيان ڪندي صدر آصف علي زرداري ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته هي دورو لاڀائتو ۽ مستقبل طرف اڳڀرائي جو سبب بڻجندو. هن صدر شوڪت مرزائيوف کي هڪ دورانديش اڳواڻ قرار ڏنو جنهن جي قيادت ۾ ازبڪستان هڪ جديد ۽ خوشحال ملڪ جي طور تي اڀريو آهي ۽ جنهن جي خدمتن کي علائقائي ۽ عالمي امن جي فروغ ۾ وسيع پئماني تي ساراهيو وڃي ٿو. هن پاڪستان ۽ ازبڪستان کي ويجهو آڻڻ ۾ صدر مرزائيوف جي ذاتي ڪردار کي پڻ خراج تحسين پيش ڪيو. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان ۽ ازبڪستان فطري حصيدار آهن جن جو مستقبل هڪ ٻئي سان واڳيل آهي. هن ٻطرفي لاڳاپن م مثبت اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪندي واپار، رابطن، دفاع، سلامتي، ثقافت ۽ ورثي جي شعبن ۾ تعاون جي وڌيڪ فروغ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. صدر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سڌوسنئون فضائي رابطن کي عوام کي ويجهو آڻڻ جو ذريعو قرار ڏنو ۽ ازبڪستان – افغانستان – پاڪستان ريلوي منصوبي سميت علائقائي رابطن جي قدمن جي اهميت تي زور ڏنو ۽ باقي چئيلنجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت کي اجاگر ڪيو. صدر آصف علي زرداري تازن سالن ۾ ٻطرفي واپار ۾ مسلسل اضافي جي نشاندهي ڪندي چيو ته لاڳاپن جي حقيقي معاشي صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ ضروري آهي جنهن تحت ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار کي 2 ارب ڊالر تائين وڌائڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. هن عوامي سطح تي رابطن، سياحت جي فروغ ۽ ثقافتي مٽاسٽا جي اهميت جو ذڪر ڪيو جيڪو ٻنهي ملڪن جي تاريخي ۽ روحاني رابطن جي عڪاسي ڪري ٿو. صدر واپار ۽ سيڙپڪاري جي رواني کي سهارو ڏيڻ جي لاءِ مالياتي ادارن خاص طور تي بئنڪن جي وچ ۾ تعاون ۽ سهولت جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. صدر شوڪت مرزائيوف چيو ته ازبڪستان پاڪستان سان دوستي ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي وڏي اهميت ڏي ٿو. هن مختلف سطحن تي ٻطرفي رابطن ۾ مسلسل اضافي، واپار جي فروغ، گڏيل منصوبن ۾ اضافي ۽ معيشت جي ترجيحي شعبن ۾ تعاون جي منصوبن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن ان ڏس ۾ پنهنجي لاڳاپيل وزير کي پاڪستاني هم منصب سان ويجهو رابطو رکڻ جي هدايت پڻ ڪئي. ازبڪستان جي صدر سياسي ڳالهه ٻولهه کي وڌيڪ مضبوط بڻائن، واپار، معيشت ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن جي فروغ ۽ ڪاروباري رابطن کي وڌيڪ فعال بڻائڻ جي ذريعي عملي تعاون ۾ سگهه جي ضرورت تي زور ڏنو. هن صدر آصف علي زرداري کي ازبڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي دعوت پڻ ڏني. هن اهو به اعلان ڪيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻه اضافي سڌوسنئون اڏامون شروع ڪيون وينديون جنهن سان هفتيوار اڏامن جو انگ 6 ٿي ويندو ته جيئن عوامي رابطن، سياحت ۽ ڪاروباري سرگرمين کي وڌيڪ سهولت فراهم ڪري سگهجي. ٻنهي صدرن ملاقات دوران علائقائي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جنهن ۾ امن، استحڪام ۽ سلامتي بابت معاملا شامل هئا. ٻنهي صدرن جي وچ ۾ اڳ ۾ نويڪلائي ۾ ملاقات ٿي جنهن ۾ اهم ٻطرفي، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. بعد ۾ ٻنهي ملڪن جي وفدن سان گڏ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. وفد جي سطح تي ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه ۾ پاڪستان پاران نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي، بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز احمد بگٽي، صنعت ۽ پيداوار جي لاءِ خاص معاون هارون اختر، سينيٽر سليم مانڊوي والا، قومي اسيمبلي ميمبر راجا پرويز اشرف، سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين نيئر حسين بخاري، ازبڪستان ۾ پاڪستان جي سفير ۽ پرڏيهي سيڪريٽري شرڪت ڪئي. ازبڪ وفد ۾ صدر جو صلاحڪار عبدالعزيز ڪاملوف، دفاع وارو وزير شوخرات خالمحمدوف سيڙپڪاري، صنعت ۽ واپار وارو وزير لذيز قدرتوف، ٽرانسپورٽ وارو وزير الخام مخڪموف، معدنيات ۽ جيولوجي وارو وزير بابر اسلاموف، زراعت وارو وزير ابراهيم عبدالرحمونوف، ثقافت وارو وزير اوزودبيڪ نذربيڪوف، نائب پرڏيهي وزير باخروم عليوف ۽ پاڪستان ۾ ازبڪستان جو سفير عليشر توختائيف شامل هئا.











