ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزائيوف کي نشان پاڪستان جي اعزاز سان نوازيو ويو

اسلام آباد – 6 فيبروري (اي پي پي) ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزائيوف کي نشان پاڪستان جي اعزاز سان نوازيو ويو. ايوان صدر ۾ ٿيل خصوصي پروقار تقريب ۾ صدر آصف علي زرداري پاڪستان ۽ ازبڪستان جي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ نمايان خدمتن جي اعتراف ۾ صدر شوڪت مرزائيوف کي نشان پاڪستان جو اعزاز عطا ڪيو. تقريب ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف، وفاقي ڪابينا جي ميمبرن، پاڪ فضائيه جي …

اسلام آباد – 6 فيبروري (اي پي پي) ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزائيوف کي نشان پاڪستان جي اعزاز سان نوازيو ويو. ايوان صدر ۾ ٿيل خصوصي پروقار تقريب ۾ صدر آصف علي زرداري پاڪستان ۽ ازبڪستان جي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ نمايان خدمتن جي اعتراف ۾ صدر شوڪت مرزائيوف کي نشان پاڪستان جو اعزاز عطا ڪيو. تقريب ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف، وفاقي ڪابينا جي ميمبرن، پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو، غيرملڪي سفيرن ۽ پارليامينٽرينز شرڪت ڪئي. تقريب کانپوءِ معزز مهمان جي اعزاز ۾ مانجهاندي جو پڻ اهتمام ڪيو ويو.

مزید خبریں