پاڪستان ۽ ازبڪستان پاران بدعنواني جي خلاف گڏيل ڪوششن کي موثر بڻائڻ جي لاءِ اهم اڳڀرائي، مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون

اسلام آباد – 6 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ۽ ازبڪستان بدعنواني جي خلاف گڏيل ڪوششن کي موثر بڻائڻ جي لاءِ اهم اڳڀرائي ڪندي مفاهمت جي هڪ يادداشت (ايم او يو) تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن. اهو معاهدو ازبڪستان جي اينٽي ڪرپشن ايجنسي (اي سي اي يو) ۽ پاڪستان جي قومي احتساب بيورو (نيب) جي وچ ۾ طئي ٿيو. ترجمان موجب مفاهمتي يادداشت تي صحيحن واري تقريب اسلام آباد ۾ …

اسلام آباد – 6 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ۽ ازبڪستان بدعنواني جي خلاف گڏيل ڪوششن کي موثر بڻائڻ جي لاءِ اهم اڳڀرائي ڪندي مفاهمت جي هڪ يادداشت (ايم او يو) تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن. اهو معاهدو ازبڪستان جي اينٽي ڪرپشن ايجنسي (اي سي اي يو) ۽ پاڪستان جي قومي احتساب بيورو (نيب) جي وچ ۾ طئي ٿيو. ترجمان موجب مفاهمتي يادداشت تي صحيحن واري تقريب اسلام آباد ۾ منعقد ٿي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اها ڳالهه اجاگر ڪئي وئي ته معاهدو گڏيل قومن جي بدعنواني جي خاتمي واري ڪنوينشن (يو اين سي اي سي) سان ٻنهي ملڪن جي وابستگي ۽ بدعنواني جي خلاف گڏيل عزم جو مظهر آهي. معاهدي تي نيب جي ڊپٽي چيئرمين سهيل ناصر ۽ ازبڪستان جي صدر جي پرڏيهي پاليسي واري صلاحڪار عبدالعزيز ڪامليوو جي نمائندي صحيحون ڪيون. ان مفاهمت جي يادداشت تحت ٻنهي ادارن جي وچ ۾ اداراجاتي هم آهنگي، گڏيل تعاون ۽ صلاحيت ۾ ا ضافي جي لاءِ هڪ جامع فريم ورڪ فراهم ڪيو ويو آهي. مفاهمتي يادداشت جي اهم نقطن ۾ بدعنواني جي وارداتن جي جديد طريقن ۽ رجحانن بابت معلومات جي مٽاسٽا، فني مدد، ماهرن ۽  افرادي قوت جي مٽاسٽا شامل آهي. ان کانسواءِ فارنزڪ جاچ، اثاثن جي جاچ، فارنزڪ انجنيئرنگ ۽ مني لانڊرنگ جي خلاف قدمن ۾ تعاون تي پڻ اتفاق ڪيو ويو آهي. معاهدي ۾ صلاحيتن جي تعمير ۽ عوامي آگاهي پروگرامن کي پڻ خصوصي اهميت ڏني وئي آهي. تقريب کي خطاب ڪندي ٻنهي ملڪن جي اينٽي ڪرپشن ايجنسين جي سربراهن ان اميد جو اظهار ڪيو ته هي معاهدو اداراجاتي رابطن کي وڌيڪ مضبوط ڪندو ۽ احتسابي نظام جي موثريت ۾ اضافو ڪندو. بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي نيب جي ڊپٽي چيئرمين سهيل ناصر چيو ته بدعنواني اقتصادي ترقي ۽ عوامي اعتماد حاصل ڪرڻ ۾ هڪ وڏي رڪاوٽ آهي. هن زور ڏنو ته مالي ڏوهن ۽ غيرقانوني اثاثن جي سرحد پار نوعيت جي ڪري عالمي تعاون لازمي بڻجي چڪو آهي. عملدارن موجب مفاهمتي يادداشت تي صحيحون پاڪستان ۽ ازبڪستان جي ٻطرفي لاڳاپن ۾ هڪ اهم سنگ ميل آهي، جيڪو شفافيت، احتساب ۽ سٺي حڪومتي نظام جي فروغ جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿو.

مزید خبریں