اسلام آباد – 6 فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ ڌماڪي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته بيگناهه شهرين کي نشانو بڻائڻ انسانيت جي خلاف ڏوهه آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري ڌماڪي ۾ مارجي ويندڙن جي گهرڀاتين سان تعزيت ۽ انهن جي لاءِ صبر جميل جي دعا …
صدر آصف علي زرداري پاران اسلام آباد ۾ ڌماڪي تي ڏک جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد – 6 فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ ڌماڪي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته بيگناهه شهرين کي نشانو بڻائڻ انسانيت جي خلاف ڏوهه آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري ڌماڪي ۾ مارجي ويندڙن جي گهرڀاتين سان تعزيت ۽ انهن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. هن ڌماڪي ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي جي دعا ڪندي انهن کي هر ممڪن طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. صدر آصف علي زرداري چيو ته قوم مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ متاثر خاندانن سان گڏ بيٺل آهي.











