اسلام آباد-06 جنوري (اي پي پي)صحت بابت مملڪتي وزير ڊاڪٽر مختار احمد ڀرٿ چيو آهي ته زراعت هاڻي صوبائي معاملو بڻجي چڪو آهي پر وفاقي حڪومت بهتر ٻڄن جي تياري ۽ جديد زرعي ٽيڪنالاجي کي هٿي ڏيڻ تي ڪم ڪري رهي آهي، ايندڙ ٻن کان ٽن سالن ۾ ڪڻڪ سميت مختلف جنسن جي وڌيڪ پيداوار ڏيندڙ ٻڄ تيار ڪيا ويندا. انهن خيالن جو اظهار هن سينيٽ اجلاس ۾ سينيٽرن جي …
زراعت هاڻي صوبائي معاملو آهي: مملڪتي وزير ڊاڪٽر مختار احمد ڀرٿ

مزید خبریں
اسلام آباد-06 جنوري (اي پي پي)صحت بابت مملڪتي وزير ڊاڪٽر مختار احمد ڀرٿ چيو آهي ته زراعت هاڻي صوبائي معاملو بڻجي چڪو آهي پر وفاقي حڪومت بهتر ٻڄن جي تياري ۽ جديد زرعي ٽيڪنالاجي کي هٿي ڏيڻ تي ڪم ڪري رهي آهي، ايندڙ ٻن کان ٽن سالن ۾ ڪڻڪ سميت مختلف جنسن جي وڌيڪ پيداوار ڏيندڙ ٻڄ تيار ڪيا ويندا. انهن خيالن جو اظهار هن سينيٽ اجلاس ۾ سينيٽرن جي سوالن جا جواب ڏيندي ڪيو. هن چيو ته حڪومت زراعت ۾ گهٽ پاڻي جي استعمال لاءِ جديد ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائي رهي آهي ڇو جو ملڪ کي پاڻي جي کوٽ جو چئلينج درپيش آهي. ان سلسلي ۾ مختلف منصوبن تي ڪم جاري آهي ته جيئن گهٽ پاڻي ۾ وڌيڪ پيداوار حاصل ڪري سگهجي ۽ آبادگارن جي آمدني ۾ به اضافو ٿئي. ڊاڪٽر مختار احمد ڀرٿ چيو ته پاڪستان چانورن جي پيداوار جي لحاظ کان دنيا جو نائون وڏو ملڪ آهي جڏهن ته پنجاب ۾ زرعي ايراضي جي تحفظ لاءِ گرين ايرياز جي نشاندهي ڪري انهن کي لاڪ ڪيو ويو آهي جتي ڪنهن به قسم جي رهائشي ڪالوني ٺاهڻ جي اجازت نه هوندي. هن چيو ته زرعي شعبي ۾ قيمتون مقرر ڪرڻ جو نظام طلب ۽ فراهمي جي اصولن مطابق هجڻ گهرجي ته جيئن آبادگارن ۽ صارفين ٻنهي کي فائدو پهچي سگهي. سندس چوڻ هو ته مختلف جنسن جون قيمتون گهٽجڻ سان عوام کي رليف ملي ٿو، پر ان نظام کي قانوني ۽ منظم انداز ۾ هلائڻ ضروري آهي. مملڪتي وزير چيو پنجاب حڪومت ۽ وفاقي ادارا جديد زرعي ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائڻ لاءِ گڏيل طور تي ڪم ڪري رهيا آهن. سندس چوڻ هو ته پاڪستان ايگريڪلچرل ريسرچ ڪائونسل ۽ ٻيا جاچ مرڪز چين جي سهڪار سان ڪپهه، مڪئي ۽ ٻين فصلن جي پيداوار وڌائڻ جي منصوبن تي به ڪم ڪري رهيا آهن.











