وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پاران دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد - 6 فيبروري(اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي 24 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻي مهارت کي ساراهيو آهي. پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير چيو ته سيڪيورٽي فورسز وقت تي ڪارروائي ڪري دهشتگردن جي ارادن کي مٽيءَ ۾ ملايو . هن چيو ته خيبر پختونخواهه ۾ امن امان لاءِ سيڪيورٽي فورسز جون ڪارروايون واکاڻ جوڳيون آهن. ڀارتي پراڪسي فتنه الخوراج جي …

اسلام آباد – 6 فيبروري(اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي 24 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻي مهارت کي ساراهيو آهي. پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير چيو ته سيڪيورٽي فورسز وقت تي ڪارروائي ڪري دهشتگردن جي ارادن کي مٽيءَ ۾ ملايو . هن چيو ته خيبر پختونخواهه ۾ امن امان لاءِ سيڪيورٽي فورسز جون ڪارروايون واکاڻ جوڳيون آهن. ڀارتي پراڪسي فتنه الخوراج جي دهشتگردن جي مڪمل خاتمي تائين آپريشن جاري رهندو.

مزید خبریں