اسلام آباد-06 جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جو اجلاس سومر 9 فيبروري جي شام 5 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو. جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ انجم عقيل خان جو ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ٿي رهيو هو ته ان دوران عاليه ڪامران ڪورم جي نشاندهي ڪئي، ڳڻپ ڪرڻ تي ميمبرن جو انگ پورو نه نڪتو جنهن تي ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه ڪورم پورو نه هجڻ تائين …
قومي اسيمبلي جو اجلاس سومر 9 فيبروري جي شام 5 وڳي تائين ملتوي

مزید خبریں
اسلام آباد-06 جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جو اجلاس سومر 9 فيبروري جي شام 5 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو. جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ انجم عقيل خان جو ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ٿي رهيو هو ته ان دوران عاليه ڪامران ڪورم جي نشاندهي ڪئي، ڳڻپ ڪرڻ تي ميمبرن جو انگ پورو نه نڪتو جنهن تي ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه ڪورم پورو نه هجڻ تائين اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيو. اجلاس جڏهن ٻيهر شروع ٿيو ته ڊپٽي اسپيڪر ڳڻپ جي هدايت ڪئي، گهربل ميميبرن جو انگ پورو نه نڪتو جنهن تي هن اجلاس سومر 9 فيبروري جي شام 5 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو. جمعي تي قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ٽن بلن جي منظوري ڏني وئي جڏهن ته ٻه بل ۽ هڪ اسٽينڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ ايوان ۾ پيش ڪئي وئي.











