اسلام آباد-06 جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبلي ايسو سي ايٽيڊ پريس آف پاڪستان ترميمي بل 2025ع سميت ٽن بلن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ وفاقي وزير قيصر احمد شيخ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاالله تارڙ پاران پاڪستان اليڪٽرانڪ ريگيوليٽري اٿارٽي ترميمي بل 2025ع قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي طرفان منظور ڪيل صورت ۾ غور هيٺ آڻڻ جي رٿ پيش ڪئي، اجازت ملڻ …
قومي اسيمبلي پاران ايسوسي ايٽيڊ پريس آف پاڪستان ترميمي بل 2025ع سميت ٽن بلن جي منظوري

مزید خبریں
اسلام آباد-06 جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبلي ايسو سي ايٽيڊ پريس آف پاڪستان ترميمي بل 2025ع سميت ٽن بلن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ وفاقي وزير قيصر احمد شيخ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاالله تارڙ پاران پاڪستان اليڪٽرانڪ ريگيوليٽري اٿارٽي ترميمي بل 2025ع قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي طرفان منظور ڪيل صورت ۾ غور هيٺ آڻڻ جي رٿ پيش ڪئي، اجازت ملڻ تي بل ايوان ۾ پيش ڪيو ويو. بعد ۾ بل جي شق وار منظوري ڏني وئي. اهڙي طرح وفاقي وزير قيصر احمد شيخ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاالله تارڙ طرفان اخبارن جي ملازمن (نوڪري جا شرط) ترميمي بل 2025ع قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي طرفان منظور ڪيل صورت ۾ غور هيٺ آڻڻ جي رٿ پيش ڪئي، اجازت ملڻ تي هن اهو بل ايوان ۾ پيش ڪيو. بعد ۾ ايوان بل جي شق وار منظوري ڏئي ڇڏي.











