سيڪيورٽي حالتن سبب عارضي طور تي جوائنٽ چيڪ پوسٽون شهرين جي سيڪيورٽي لاءِ قائم ڪيون ويون آهي: سينيٽر طلال چوڌري

اسلام آباد-06 جنوري (اي پي پي) گهرو معاملن واري مملڪتي وزير سينيٽر طلال چوڌري چيو آهي ته سيڪيورٽي حالتن سبب عارضي طور تي جوائنٽ چيڪ پوسٽون شهرين جي سيڪيورٽي لاءِ قائم ڪيون ويون آهن، جن جي ذريعي اسمگلنگ ۽ دهشتگردي جي روڪ ٿام ۾ مدد ملي آهي. سينيٽ ۾ ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي هن چيو ته بلوچستان چيڪ پوسٽن تي مقرر سمورن سيڪيورٽي اهلڪارن جي …

اسلام آباد-06 جنوري (اي پي پي) گهرو معاملن واري مملڪتي وزير سينيٽر طلال چوڌري چيو آهي ته سيڪيورٽي حالتن سبب عارضي طور تي جوائنٽ چيڪ پوسٽون شهرين جي سيڪيورٽي لاءِ قائم ڪيون ويون آهن، جن جي ذريعي اسمگلنگ ۽ دهشتگردي جي روڪ ٿام ۾ مدد ملي آهي. سينيٽ ۾ ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي هن چيو ته بلوچستان چيڪ پوسٽن تي مقرر سمورن سيڪيورٽي اهلڪارن جي ڪلهن ۾ ڪيمره لڳل آهن. هڪ هيلپ لائن قائم ڪئي وئي آهي جنهن جي ذريعي سمورين شڪايتن جو ازالو ڪيو وڃي ٿو. هن چيو ته حب چيڪ پوسٽ جي حوالي سان صوبائي حڪومت سان ڳالهيون جاري آهن. محمد عبدالقادر چيو ته اسان کي پاڻ، حڪومت ۽ رياست جي سڃاڻپ کي درست رکڻ لاءِ ٽيڪنالوجي جو سهارو وٺڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته سرحدن تي نگراني لاءِ ڪمانڊ سينيٽر قائم ڪيا وڃن. جان محمد بليدي چيو ته بلوچستان جا ماڻهو ڪراچي ۾ داخل ٿين ٿا ته حب چوڪي جي چيڪ پوسٽ تي شهرين کي تنگ ڪيو وڃي ٿو. هڪ گاڏي ڪوئٽه کان حب تائين پهچي ٿي ته ان کي بيشمار چيڪ پوسٽون پار ڪرڻيون پون ٿيون. پسني چيڪ پوسٽ تي اڌ ڪلاڪ کان وڌيڪ وقت چيڪنگ ۾ لڳي ٿو. 

مزید خبریں