صدر پاران خيبر پختونخوا ۾ ڪامياب انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشنز تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد-6 فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري خيبر پختونخوا ۾ ڪامياب انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشنز تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي دهشتگردي جي لعنت کي مُلڪ مان مڪمل ختم ڪرڻ تائين جنگ جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جمعي تي جاري ڪيل هڪ بيان موجب صدر آصف علي زرداري چيو ته دهشتگرد عنصرن خلاف موثر ڪارروائين ۾ …

اسلام آباد-6 فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري خيبر پختونخوا ۾ ڪامياب انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشنز تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي دهشتگردي جي لعنت کي مُلڪ مان مڪمل ختم ڪرڻ تائين جنگ جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جمعي تي جاري ڪيل هڪ بيان موجب صدر آصف علي زرداري چيو ته دهشتگرد عنصرن خلاف موثر ڪارروائين ۾ 24 خوارج جو مارجڻ اهم ڪاميابي آهي. هن چيو ته ٻاهرين مداخلت سبب ٿيندڙ دهشتگردي خلاف جنگ ڪاميابي سان جاري آهي.

مزید خبریں